ڪراچي: جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته سنڌ ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾  پيپلزپارٽي پنھنجي روايت کي برقرار رکندي رڪارڊ ڌانڌلي ڪئي آهي پ پ پوليس، مقامي انتظاميا ۽ اليڪشن ڪميشن جي ملي ڀڳت سان مخالف ووٽرن کي هراسان پڻ ڪيو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته بدين ۾ پ پ ايم پي اي تاج ملاح ھٿياربندن سان گڏجي پولنگ اسٽيشنن ۾ داخل ٿي جي ڊي اي جي ايجنٽن ۽  ووٽرن تي تشدد ڪري خوف جو ماحول پيدا ڪيو، مٽياري،  نيو سعيد آباد ۽ ٻين علائقن ۾ به زرداري ليگ جي ڊي اي ووٽرن تي حملو ڪيو، جڏهن ته موقعي تي موجود پوليس تماشو ڏسندي رهي، ھن چيو ته  پيپلزپارٽي ڪراچي ۽ حيدرآباد تي پنھنجو قبضو ڄمائڻ  لاءِ اليڪشن واري رات جو بيلٽ پيپرز تي ٺپا ھڻي بيلٽ باڪس ڀري  ڇڏيا، اهڙيون ويڊيوز به وائرل ٿيون آهن، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جو اعلان ڪرڻ بعد پنھنجي ذميواري تان ھٿ کڻي وئي، هن چيو ته سنڌ جو باشعور عوام جهرلو اليڪشن جا نتيجا قبول نه ڪندو.