ڪراچي(م ڊ) پ پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي تي پيغام ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائيندڙن کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت سنڌو تهذيب ۽ اسلامي تهذيب جو خوبصورت امتزاج آهي، موهن جو دڙو سنڌ جي ثقافت جي ماءُ آهي، سنڌ جي اجرڪ، ٽوپي، رلي، لوڪ ادب، موسيقي ۽ روايتي کاڌا پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ رکن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ گهڻ – ثقافت ان جي خوبصورتي ۽ طاقت آهي سڄي دنيا پڻ ان تي متفق آهي ته گهڻ ثقافت انسانيت جو گڏيل ورثو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ثقافت، فن ۽ ادب کي هٿي وٺرائڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور آهي پاڪستاني نوجوان دنيا ۾ پنهنجي ثقافت کي جديد انداز ۾ هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ٻئي طرف پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته مهذب قومون پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ ٻولي کي ڪڏهن به نه وسارينديون آهن. سنڌ واسين پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت کي سدائين مٿانهون رکيو آهي،ا ُنهن ڌرتي لاءِ جان ڏيندڙ شهيدن کي ڪڏهن به ناهي وساريو، سنڌ واسي ثقافت کي زنده رکڻ سان گڏ ڌرتي تي شدت پسندي کي وِٿي نه ڏين.