پنوعاقل (ن پ ا) سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته ملڪ اندر هلندڙ ڊجيٽل آدمشماري سنڌ خلاف سازش آهي. تڪراري آدمشماري کي ڪوبه پڙهيل لکيل سنڌي قبول نه ڪندو. پنوعاقل پريس ڪلب ۾ ميڊيا نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته وفاق سنڌ کي پنهنجا حق نه پيو ڏئي. ارڙهين ترميم کان پوءِ صوبا پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ جو اختيار رکن ٿا پر وفاق ارڙهين ترميم جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. سنڌ جا جائز آئيني حق تسليم نه پيا ڪيا وڃن. وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي. پنجاب ۾ ته مفت اٽو ورهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي پر آفت سٽيل سنڌ واسين کي وفاق ڪو به رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ھن چيو ته پي ڊي ايم سرڪار ننڍن صوبن جي حق تي ڌاڙو هڻي رهي آهي. پورهيتن، هارين ۽ مزدورن کي ڪو به رليف نه ملي سگهيو آهي. ان موقعي تي فقير علي اڪبر جتوئي، ڪامريڊ محبوب حيدر، احمد نواز انقلابي ۽ ٻيا موجود ھئا.