سنڌ واسين جي مهمان نوازي: ريلوي مسافرن لاءِ ديڳيون لاٿيون ويون

0
297

پنوعاقل: سنڌ واسين جي مهمان نوازي جا منظر هڪ ڀيرو وري ان وقت نظر آيا جڏهن پني عاقل ريلوي اسٽيشن تي ريل گاڏي ۾ ويٺل مسافرن لاءِ ديڳيون لاٿيون ويون. ريل گاڏين ۾ ڦاٿل مسافرن جا بک اڃ ۽ گرمي لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا. اوٻاوڙي ويجهو ٽرين حادثي سبب پني عاقل ۾ به مسافر گاڏين کي روڪيو ويو. شهرين مهمان نوازي جا اعليٰ مثال قائم ڪندي مسافرن لاء ماني جو بندوبست،ٿڌا شربت ۽ کير توڙي ڏهي به گهرائي وئي،
ڪشمير فائونڊيشن طرفان به مهمانوازي ڪئي وئي،مسافرن لاء کاڌ خوراڪ ۽ ٻارن لاء خشڪ کير گهرايو ويو