سنڌ هائڪورٽ ڊاڪٽر عاصم جي گهرواريءَ جي مقرري تي اسٽي جاري ڪري ڇڏيو

0
188
سنڌ هائڪورٽ ڊاڪٽر عاصم

ڪراچي: ڊاڪٽر عاصم جي گهرواري کي سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڊاڪٽر ثمرين حسين کي سنڌ ايجوڪيشن ڪميشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طور مقرري تي اسٽي جاري ڪري ڇڏيو. عدالت سنڌ حڪومت ۽ ٻين کي 30 مارچ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو

درخواست گذار چيو ته سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي پوسٽ لاءِ اشتهار اخبارن ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر ثمرين سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سليڪشن بورڊ جي ميمبر هئي

ڊاڪٽر ثمرين سمورن اميدوارن جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. ٻيو ڀيرو اخبار ۾ هڪ اشتهار شايع ٿيو جنهن ۾ ڊاڪٽر ثمرين اميدوار طور درخواست ڏني هئي. ڊاڪٽر ثمرين جي پهريون ڀيرو 2015 ۾ مقرري به غير قانوني هئي