حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ تعلقي حسين بخش مري جي يونين ڪاميٽي  15 جي چيئرمين جو حيسڪو جون رهتون ۽ تعلقي جهڏو جي يونين ڪاميٽي 52 تي چيئرمين طور اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار جو ووٽ داخل نه هئڻ تي فارم رد ڪري ڇڏيو آهي، گڏوگڏ عدالت تعلقي شهدادپور جي يونين ڪاميٽي 70 تي چيئرمين جي اميدوار امام بخش رند خلاف داخل اعتراض واري درخواست رد ڪندي سندس فارم بحال رکڻ جو حڪم ڏنو، يونين ڪائونسل ترڪ علي مري تي آزاد اميدوار مهراڻ خان ٿيٻو وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سامهون چونڊ وڙهندڙ وزير علي مري حيسڪو جو باقيدار آهي. مٿس 6 لک رپيا رهتون آهن. وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته اليڪشن ڪميشن جي قانون موجب سرڪاري کاتن جون رهتون ادا نه ڪندڙ اميدوار اليڪشن ۾ حصو نه ٿو وٺي سگهي، ان لاءِ سندس فارم رد ڪيو وڃي، عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد حيسڪو جي باقيدار اميدوار جو فارم رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن جهڏو تعلقي جي يونين ڪاميٽي 52 تي چيئرمين جي اميدوار معشوق علي لغاري به وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته يونين ڪاميٽي بکر تي ٽائون ڪميٽي ٽنڊو جان محمد سان تعلق رکندڙ عرفان ٽالپر چيئرمين طور فارم ڀرايو آهي جنهن جو ڄاڻايل علائقي ۾ ووٽ ئي داخل ناهي. وڪيل دليل ڏنا ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع جي سيڪشن 35 سب سيڪشن سي تحت جنهن جو علائقي ۾ ووٽ داخل نه آهي اهو ان علائقي تي اليڪشن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد عرفان ٽالپر جو فارم به رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف عدالت تعلقي شهدادپور جي يونين ڪميٽي 70 تي چيئرمين طور فارم جمع ڪرائيندڙ امام بخش رند خلاف داخل اعتراض واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. اميدوار خلاف ڄاڻايل يونين ڪميٽي تي چيئرمين طور فارم ڀرائيندڙ سائين داد رند درخواست داخل ڪرائي هئي. جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته امام بخش رند تي زرعي ترقياتي بئنڪ، لينڊ روينيو ۽ حيسڪو جون رهتون آهن تنهن باوجود ڊي آر او سندس فارم بحال ڪيو آهي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته اميدوار تي سرڪاري کاتن جي ڪا به ادائيگي رهيل ناهي. هن فارم جي ڇنڊ ڇاڻ دوران سمورا ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ شروع ۾ آر او ۽ بعد ۾ ڊي آر او حوالي ڪيا هئا. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اميدوار جو فارم بحال رکڻ جو حڪم ڏيندي اعتراض ڪندڙ اميدوار جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.