ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين بابت وفاقي حڪومت جِي رپورٽ تي اعتراض واري واپس موڪلي ڇڏي، اسسٽنٽ اٽارني جنرل پاڪستان طرفان عدالت کان معافي طلب، عدالت ريمارڪس ڏنا ته بار بار طلبي باوجود وفاقي گهرو سيڪريٽري حراستي مرڪزن بابت رپورٽ پيش نه ڪري رهيو آهي، عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کان 6 مئي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي، ان کان اڳ سنڌ جي گهرو سيڪريٽري پاران فوڪل پرسن جي تبديلي بابت عدالت کي آگاهه ڪيو ويو.