سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي کي بجلي جي بلن ذريعي ٽيڪس اوڳاڙي کان روڪي ڇڏيو

0
339

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي کي بجلي جي بلن ذريعي ٽيڪس اوڳاڙي کان روڪي ڇڏيو

ٽيڪس ادائگي نه ڪندڙ شهرين جي بجلي ڪاٽا نه ڪرڻ جو حڪم، ڪي ايم سي جي ٽيڪس اوڳاڙي خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ بيا عملدار پيش

مرتضيٰ وهاب چيو ته اها ٽيڪس 50 کان 200 روپين تائين آهي، مهرباني ڪري ان کي في الحال نه روڪيو، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته جهڙي طرح به اوڳاڙي ڪيو ڀلي ڪيو پر ڪي اليڪٽرڪ کان اوڳاڙي نه ڪرايو

جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته اسان توهان جي قدمن کي ساراهيون ٿا، جڏهن توهان اسان کي مطمئن ڪندا تڏهن اسان ٽيڪس کي بحال ڪري ڇڏينداسين

ھي به پڙھندا

ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب عهدي تان استعيفا جو اعلان ڪري ڇڏيو