ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪميشن امتحان کانسواءِ ڪانٽريڪٽي آفيسرن جي مستقلي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته گريڊ 16 ۽ اعليٰ آفيسرن جي مقرري جو طريقيڪار واضح آهي، ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيل آفيسرن کي ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ بنا مستقل نٿو ڪري سگهجي، چيف سيڪريٽري کي ڪميشن امتحان بنا مستقل ٿيل آفيسرن جي لسٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.