سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي اسڪيم 33 ۾ ٿيل قبضا 45 ڏينهن اندر خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0
408
سنڌ هاءِ ڪورٽ 9 قومي تڪن

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي اسڪيم 33 ۾ ٿيل قبضا 45 ڏينهن اندر خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته ڇا ماڻهن جي پلاٽن جي حفاظت ڪرڻ رياست جي ذميواري ناهي؟

اسڪيم 33 ۾ قبضا ختم ڪرڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو ٻڌايو وڃي ته آپريشن دوران ڪيترا فون آيا ۽ ڪيترو دٻاءُ هو؟

جسٽس  حسن اظھر رضوي چيو ته ڪراچي ۾ پرڏيهين پاڪستانين جي زمينن تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن، اسڪيم 33 کي نوگو ايريا بڻايو ويو آهي

عدالت ڊي سي اوڀر طرفان پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي، 45 ڏينهن اندر آپريشن ڪري قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم، پوليس ۽ رينجرز جي مدد وٺڻ جي به هدايت ڪئي وئي آھي