ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالت سيد طاهر علي، موسيٰ بن سجاد ۽ ٻين کنڀيلن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران پوليس عدالت کي ٻڌايو ته کنڀيل ڄاڻايل سيد شفقت شاهه ايڊووڪيٽ گهر پهچي ويو آھي، جنهن تي عدالت سندس بازيابي واري درخواست اڪلائي ڇڏي، عدالت چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري باقي کنڀيلن بابت جواب طلب ڪري ورتو، عدالت پبلڪ پراسيڪيوٽر کي جي آءِ ٽي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي کنڀيلن کي بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي.