عامر لياقت حسين جي قبر ڪُشائي ۽ پوسٽ مارٽم وارو مقامي عدالت جو حڪم معطل

0
616
عامر لياقت حسين جي قبر
سنڌ هاءِ ڪورٽ عامر لياقت حسين جي قبر ڪُشائي ۽ پوسٽ مارٽم وارو مقامي عدالت جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عامر لياقت حسين جي قبر ڪُشائي ۽ پوسٽ مارٽم وارو مقامي عدالت جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رُڪني بئنچ عامر لياقت حسين جي پُٽ ۽ ڌيءُ طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

 درخواست ۾ مقامي عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي، عدالت عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم واري حڪم خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آھي، جڊيشل مئجسٽريٽ 23 جون تي عامر لياقت جي قبر ڪُشائي ۽ پوسٽ مارٽم جو حڪم ڏنو هو

پوليس سرجن جو رويو عامر لياقت جي وارثن سان سٺو ناھي: وڪيل 

عامر لياقت جي وارثن جي وڪيل ضياء اعوان ايڊووڪيٽ عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو تھ اسان کي لڳي ٿو تھ عامر لياقت جو موت ڊپريشن سبب ٿيو آھي، فيملي ڊپريشن ڏيڻ وارن جي خلاف عدالت سان رابطو ڪندي

ھن چيو تھ ھڪ اڻڄاتل شخص عدالت ۾ ويو ۽ پوسٽ مارٽم جو آرڊر حاصل ڪري ورتو، درخواستگذار چيو ھو تھ جائيداد جو تڪرار آھي، ضياء اعوان ٻڌايو تھ مئجسٽريٽ ٻھ ڀيرا باڊي جو جائزو ورتو ھو، پوليس چيو تھ عامر لياقت جي جسم تي تشدد جو نشان ناھي، جڏھن تھ پوليس واقعي واري ھنڌ جو معائنو بھ ڪيو ھو

ھي به پڙھندا

ڊاڪٽر عامر لياقت جا ٻار قبر ڪُشائي ۽ پوسٽ مارٽم روڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا