سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان گم ٿيل شهرين جي ڪيس ۾ پوليس جون جمع ڪرايل رپورٽس رد

0
190
نينگر عمار جتوئي کي اغوا ڪري مارڻ جي الزام ۾ سزا ڀوڳيندڙ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم
نينگر عمار جتوئي کي اغوا ڪري مارڻ جي الزام ۾ سزا ڀوڳيندڙ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين جي ڪيس ۾ پوليس جون جمع ڪرايل رپورٽس رد ڪندي سڄي ملڪ جي حراستي مرڪزن کان رپورٽس حاصل ڪري 31 مئي تائين جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

 شهري شمشاد علي سميت ٻين گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران عدالت پاران پوليس جي روايتي جاچ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته  ساڳيون پراڻيون اسٽريٽجڪ ۽ روايتي رپورٽس عدالت ۾ پيش ڪيون ويون آهن، آخر پوليس ڇا ڪري رهي آهي؟ 2015ع کان شھري شمشاد گم آھي، جاچ آفيسر اڃا تائين حراستي مرڪزن مان رپورٽ وٺي نه سگھيا آھن

 جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته مختلف ادارن کي خط لکيا ويا آهن پر ڪو به جواب ناهي مليو، عدالت پوليس جي رپورٽس کي رد ڪري وفاقي گهرو سيڪريٽري ۽ بچاءَ واري سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي وفاقي ادارن کي سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي