سکر(بيورو رپورٽ) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي نوڪريون نه ملڻ خلاف داخل پٽيشن جي ٻڌڻي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران ناڻي کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري کي سکر ڊويزن اندر 8 هزار 619 خالي جاين جي اعتراف بعد آساميون لڪائڻ ۽ وقت تي ڀرتيون نه ڪرڻ بابت ڪاميٽي جوڙيندي 2 مهينن اندر خالي پيل سمورين جاين تي اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آءِ بي اي پاس گمبٽ واسي اميدوار  باسط علي پٺاڻ، انصار احمد ڄامڙو ۽ فريده پٺاڻ جي درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته فنانس کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري طرفان سکر ڊويزن اندر 8 هزار 619 خالي جايون هجڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي. ان باوجود آءِ بي اي پاس اميدوارن کي نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته سمجهون پيا ته اڃا خالي جايون وڌيڪ هونديون. آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوار پريشان آهن. اسڪول بند پيا آهن. جسٽس صلاح الدين پنهور تعليم کاتي جي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته شاگردن جي مستقبل جو مسئلو آهي، اميدوارن کي ڀرتي ڇو نه پيا ڪريو. ان تي تعليم کاتي جي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته ٽئين مرحلي ۾ خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪيءَ ۾ پيل خالي جاين تي اميدوارن کي ڀرتي ڪري سڀئي جايون ڀريون وينديون. عدالت خيرپور، گهوٽڪي ۽ سکر جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن کي خالي پيل جاين کي لڪائي وقت سر ڀرتيون نه ڪرڻ بابت ڪوتاهي ڪرڻ جي حوالي سان ڪاميٽي جوڙيندي 2 مهينن اندر سموريون خالي جاين تي اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي