سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ذوهيب حسن کي نوٽيس، تفصيلي جواب طلب

0
141
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ذوهيب حسن کي نوٽيس، تفصيلي جواب طلب
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ذوهيب حسن کي نوٽيس، تفصيلي جواب طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ معروف گلوڪاره نازيه حسن جي ڀاءُ ذوهيب حسن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب  طلب ڪري ورتو.

گلوڪاره نازيه حسن جي مڙس اشتياق بيگ پاران ذوهيب حسن طرفان الزام مڙهڻ تي سندس خلاف عددالت ۾ هڪ ارب روپين جي هرجاڻي جي درخواست ڏني وئي هئي.

عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪندي ذوهيب حسن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ 7 آڪٽوبر تائين تفصيلي جواب ڏيڻ جي هدايت ڪندي کيس ايندڙ ٻڌڻي تائين هن مسئلي تي ڪا به ڳالهه ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

اشتياق بيگ پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته ذوهيب حسن 12 آگسٽ تي 2021 تي نجي ٽي وي کي انٽرويو ۾ بي بنياد الزام هنيا ۽ منهنجي خلاف توهين واري لهجي ۾ ڳالهيون ڪيون.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته ذوهيب حسن پنهنجي انٽرويو ۾ نازيه حسن جي موت کي غير فطري قرار ڏنو،نازيه حسن ڊگهي عرصي تائين ڪينسر جي عارضي ۾ مبتلا رهي، هن جي وفات بابت برطانيه جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ به موجود آهي.

اشتياق بيگ پنهنجي درخواست ۾ چيو هو ته ذوهيب حسن توهين ۽ حقيقتن کان ابتڙ ڳالهيون ڪيون آهن، ذوهيب حسن کي مرزا اشتياق بيگ جي خلاف بيان بازي کان روڪيو وڃي ۽ پنهنجو بيان واپس وٺي معافي گهري۽ کائنس هڪ ارب روپيا هرجاڻو به ڏياريو وڃي.