ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جون چونڊون سڀاڻي ڇنڇر تي ٿينديون، صدارتي سيٽ لاءِ ضياءَ اعواڻ، سليم مڱريو ۽ ضياءَ الحسن ۾ سخت مقابلو ٿيندو، نائب صدر لاءِ احتشام الله خان، ڊاڪٽر محمد خالد، سعيد اختر، شوڪت شيخ سميت پنجن اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو، جڏهن ته سيڪريٽري لاءِ عامر نواز وڙائچ، نعيم اقبال ملڪ سميت چئن اميدوارن ۾ دنگل ٿيندو، خزانچي لاءِ غلام مرتضيٰ ساريو ۽ جاويد راجپوت ۾ مقابلو ٿيندو، جڏهن ته جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ عامر جميل، عادل خان، فرمان الله خان ۽ عمران علي مٺاڻي آمهون سامهون ٿيندا، جڏهن ته ايڊيشنل جوائنٽ سيڪريٽري (وومين) لاءِ 4 عورت اميداور باد صبا، فوزيه مشتاق، مهجبين غوري ۽ ميمونه نسرين ۾ مقابلو ٿيندو، جڏهن ته مينيجنگ ڪاميٽي لاءِ عدنان ملڪ، اشرف شاهه، عائشه رضوي، چوڌري سجاد علي سميت 25 اميدوارميدان ۾ لٿل آهن، واضح رهي ته  26 نومبر ڇنڇر ڏينهن صبح جو 9 وڳي کان شام جو  پنج وڳي تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ بار ايسوسيئيشن جي چونڊ ٿيندي.