ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسين ڪنهن صوبي کي ماءُ نٿا مڃون، اهو لقب صرف پاڪستان لاءِ آهي، صوبا ته ضلعي ۽ ڊويزن جيان ايڊمنسٽريٽو ( انتظامي) يونٽ آهن، ڪالهه مقامي هوٽل ۾ ايم ڪيو ايم پاران آدمشماري بابت اتفاق راءِ لاءِ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۾ 3 ڪروڙ ماڻهن جي استعمال لاءِ ڪڻڪ اچي ٿي پر آدمشماري ۾ ايترا ماڻهو ڳڻيا نٿا وڃن، انهي صورت ۾ اها ڪڻڪ ڪيڏانهن ٿي وڃي؟ سنڌ سرڪار ماهر سرڪاري ملازمن کان آدمشماري ۾ ڳڙ ٻڙ ڪرائي آهي، جڏهن ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جو ميئر هو ته ان وقت شاگردياڻي بشريٰ زيدي وارو واقعو پيش آيو هو، اسان جي اچڻ بعد هتي مهاجرن ۽ پختونن جا جهيڙا ختم ٿيا، هن چيو ته  پوري پاڪستان ۾ ڪنهن کي به گهٽ يا وڌ نه پر پورو ڳڻيو وڃي، تازي آدمشماري ۾ سازش تحت ڪراچي کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي، متحده اڳواڻ  مصطفيٰ ڪمال چيو ته اوهان جيڪڏهن اسان کي صحيح نٿا ڳڻيو ته اسان اوهان جي انهي ڳڻپ کي نٿا مڃون، اڄ بلوچستان ۾ جيڪي ماڻهو جبلن تي رياست مخالف سرگرميون پيا ڪن، انهن به ڪالهه تائين اوهان آڏو پنهنجا مطالبا رکيا هوندا، سڀاڻي جيڪڏهن اسين نه هونداسين ته شايد ڪو ٻيو هوندو، ٿي سگهي ٿو ته اهو اوهانجي ڳالهه نه ٻڌي، اسين ڪجهه نٿا گهرون، بس اسان کي رڳو درست ڳڻيو وڃي، هن چيو ته 7 اپريل تي خبر هلي ته ڪراچي جي آدمشماري هڪ ڪروڙ 37 لک آهي، آدمشماري جي تاريخ وڌڻ بعد شهر  جي آبادي ۾ 56 لکن جو اضافو ٿيو آهي، اڃا تائين به پوري ڳڻپ ناهي ٿي، ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته پوري ملڪ ۾ 3 سيڪڙو گروٿ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ انهي حساب سان ته هر سال 90 لک ٻار پيدا ٿيندا هوندا،لڳي ٿو ته هن آدمشماري ۾ ابهام آهن، ملڪ ۾ ٻيهر نئين سر آدمشماري ٿيڻ گهرجي، سرڪار ٽيبليٽ خريد ڪري چڪي آهي، انهي ڪري نئين آدمشماري تي رڳو 17-18 ارب خرچ ٿيندو، هن چيو ته پوري ملڪ ۾ آبادي جو تناسب الڳ ۽ ڪراچي جو الڳ هجڻ سوال پيدا ڪري ٿو، هن چيو ته ملڪ هڪڙي خاص اشرافيا لاءِ ٺهيو آهي،  انهن جو ئي قانون هلي ٿو، اسين ته اسرندڙ ملڪن ۾ به پٺيئن نمبرن تي آهيون، اي اين پي سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو ته ڪراچي اردو ڳالهائيندڙن جو سڀ کان وڏو شهر آهي،  ساڳئي ريت هي پشتو ڳالهائيندڙن جو به شهر آهي، آدمشماري ۽ تڪ بندين تي شڪايتون ختم ٿيڻ  گهرجن، نامياري معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو ته وفاقي ۽ لاڙڪاڻي واري اسٽيبليشمينٽ پنهنجن مفادن تحت نمبر گيم طئه ڪندي آهي، اسين وسيلن جي ورڇ 98 يا 2017ع جي آدمشماري  تحت ڪريون ٿا، اهي ٻئي آدمشماريون تڪراري آهن، هن چيو ته ڏکڻ پنجاب مان وڏي آبادي ڪراچي آئي آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار، جي ڊي اي جي عرفان الله مروت ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.