سنڌ م نئين جوت جلائڻ لاءِ سنڌ مارچ!

0
108
سنڌ م نئين جوت جلائڻ لاءِ سنڌ مارچ!

 سنڌ م گذريل ڪيتري ئي وقت کان سنڌ جو سياسي، سماجي ۽ معاشي طرح نقصان ئي نقصان ٿيندو آيو آھي. جنھن م ڪڏھن ٻٽي نظام جي صورت ۾ ته وري ڪڏھن سنڌ جي عوام جي ووٽن تي ڌاڙو ھنيو ويندو آھي پر ڪڏھن به سنڌ جي حاڪم جماعت سنڌ جي ماڻھن جي سار نه لڌي آھي. سنڌ جي حڪمران جماعت سدائين پنھنجن مفادن کي اھميت ڏني آھي انھن لاءِ ڌرتي ڪائي معني نٿي رکي.  جيڪڏھن انھن لاءِ  سنڌ اھميت رکي ھا ته اھي ماضي ۾ ٻٽو نظام سنڌ جي مٿان رائج نه ڪن ھا. سنڌ جا ٻيٽ ائين وفاق حوالي  ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن ھا. ھي اھي ساڳيا ئي حاڪم ھئا جن جي ھجڻ باوجود به ڪراچي ۾ سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ سنڌ جي نياڻين کي لٺيون ھڻي رتورت ڪيو ويو پر ٻئي پاسي انھي نياڻين جي رت ۽  انھن جي پوتي کان خالي ٿيل مٿي کي ڏسي سنڌ جي قومپرستن بحريه ٽائون خلاف 6 جون تي احتجاج جو اعلان ڪيو تنھن کان پوءِ ڇا ٿيو اھو سڄي سنڌ جي سامھون آھي.  تنھن کان پوءِ سنڌ جي قومي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن مٿان ھڪ ئي وقت 32 ڪيس ڪيا ويا.

                 ھن وقت جڏھن سنڌ کي ھٿرادو ٻوڏ ۾ ٻوڙيو ويو. سنڌ سان سنڌ حڪومت جيڪا ويساھ گھاتي ڪئي آھي، شايد تاريخ ۾ اڳ ڪڏھن ائين نه ٿيو آھي، ته ڪنھن ملڪ، رياست ۽ صوبي جي حڪومت پنھنجي عوام کي ڪنھن مصيبت ھيـٺ آندو ھجي، ٻوڏ کان اڳ ۾ بندن جو مرمتي ڪم نه ڪرڻ ۽ ٻوڏ اچڻ کان پوءِ بندن کي ھٿ سان ڪٽ ڏئي پاڻي جو رخ شھرن جي طرف ڪرڻ عوام کي ھڪ ڊگھي عرصي لاءِ دربدر ڪري ڇڏڻ. انھي عمل کي ڏسي ذھن کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو.  سنڌ جي عوام جو ووٽ انھن جي ئي خلاف ٿو استعمال ٿئي. پيپلز پارٽي مسلسل 15 سالن کان سنڌ مٿان حڪمراني ڪري رھي آھي پر سدائين سنڌ مخالف فيصلا ڪندي اچي.

سنڌ حڪومت جي انھي عمل کي ڏسي سنڌ مارچ جي ناؤ سان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پيادل مارچ ڪري رھي آھي. سنڌ سان ان عشق واري پنڌ تي 15 فيبروري کان سکر کان نڪتل آھن. اچو تہ انھي کي سمجھون ته سنڌ يونائٽيڊ پارٽي کي ھن وقت پيادل مارچ ڪرڻ جي آخر ڪھڙي ضرورت پئي. اچو انھي کي سمجھون تہ سنڌ جا ماڻھو سنڌ مارچ لاءِ ڇا ٿا سوچين. سنڌ پيادل مارچ، سنڌ جي سياسي، سماجي ۽  معاشي بحالي لاءِ پيرين پنڌ نڪتل آھي. ھن وقت سنڌ کي اھڙي قدم جي سخت ضرورت ھئي. جنھن سان ڪيترين ئي سالن جي ڇانئيل خوف کي ختم ڪري سگھجي ٿو. اھا گھڻي حد تائين ضرورت بڻيل آھي تہ سنڌ جي عوام مان پيپلز پارٽي جو خوف ڪڍي سگھجي . انھي سفر سان حڪمرانن کي سڄي دنيا اڳيان وائکو ڪرڻ جو موقعو آھي جنھن سان پوري دنيا کي خبر ڏيڻي آھي تہ سنڌ جي حڪمرانن جي بدديانيتي، بدعنواني ۽ ڪرپشن سنڌ سان ويساھ گھاتي کي ظاھر ڪرڻ جو موقعو آھي.

سنڌ مارچ کي سنڌ جا ماڻھو محبتون ارپين پيا. جنھن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سنڌ جا ماڻھو ھن وقت اھو ئي سوچين ٿا  تہ ڪو اڳواڻ آھي جنھن کي احساس آھي جيڪو انھي احساس کي کڻي سنڌ جي شھر شھر واھڻ واھڻ وستي وستي ماڻھن کي سمجھائڻ نڪتو آھي. اھا سنڌ ۾ شعور واري لاٽ کي ائين جلائي سگھجي ٿو.

سنڌ مارچ جي اڳواڻي سکر کان مسلسل سڪرنڊ تائين سائين زين ڪندو آيو.  پر سڪرنڊ م سائين سخت بيمار ٿي پيو. جڏھن ڊاڪٽرن سائين جي جسم جي آڪيسجن جو پيمانو ڪيو تہ تمام گھٽ ھو انھي کان پوءِ ڊاڪٽرن سائين کي پيدل ھلڻ کان منع ڪيو  ۽ ايمبولينس ۾ ويھڻ جو چيو.  پر سائين ايمبولينس ۾ ويھڻ کان صاف انڪار ڪيو تہ آڪيسجن جو سلينڊر ايمبولينس مان لاھي منھنجي نجي گاڏي ۾ رکرائي ڏيو اتان پاڻ کي آڪسيجن فراھم ڪيو.   پر ھڪ پل لاءِ به سنڌ جي ماڻھن کان پري نہ ٿيڻ پئي چاھيو.مارچ ۾ اڳواڻن جا ٽھڪ حڪمران جماعت جي مرڪز ۾ ڏار وجھي رھيا ھئا پر جڏھن سنڌ مارچ ۾ ھالا کان شامل ٿيس تہ مونکي خوشي ٿي تہ سنڌ جي سفر ۾ مڊل ڪلاس جا ماڻھو توڙي پورھيت سنڌ جي عشق واري سفر م شامل آھن.  حقيقي طرح مارچ جي اڳواڻي سنڌ جي ماڻھن وٽ ھئي پيدل سفر ڪندڙ پورھيتن وٽ ۽ انھن معذورن وٽ ھئي جيڪي ويلچير سائيڪل تي ھلي رھيا ھئا. انھن معذورن جو ھلڻ سنڌ مارچ جي ڪاميابي آھي.

سنڌ مارچ واري سفر ۾  سنڌ جي ننڍي وڏي شھر واھڻ وستي ۾ سنڌ جي ماڻھن کي ڪراچي واري جلسي لاءِ دعوتون ڏيندا آيا ڇاڪاڻ ڪراچي سنڌ جي دل  آھي سنڌ جي ڪرنگھي جي ھڏي آھي.