ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي پنجين ڏينهن به بحث جاري رهيو. ڪالهه صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته صحت لاءِ  بجيٽ ۾ 19 سيڪڙو حصو رکيو ويو آهي، 23 ارب مان صحت سيڪٽر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائبا، 230 ايمبولينسز خريد ڪيون وينديون، هن چيو ته اسان  انفيڪشن ڊزيز اسپتال کي ڪووڊ سنٽر ۾ منتقل ڪيو هو، هاڻ ڪووڊ جي خاتمي بعد اسپتال انفيڪشن ڊزيز  لاءِ مختص هوندي.اسان ڪي ايم سي جي ماتحت عباسي شهيد اسپتال لاءِ به بجيٽ رکي آهي، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته 2008ع ۾ 10 يونيورسٽيون هيون اسان 13 سالن ۾ 17 يونيورسٽيون قائم ڪيون، هن چيو ته ڪوسٽل ڊولپمينٽ ۽ ماحولياتي تبديلي تي سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي ويهاري پاليسي جوڙي آهي. صوبائي وزير  شهلا رضا چيو ته 15 ضلعن ۾ اسٽاف ناهي، سندس کاتي ۾ جلد هڪ ۽ 11 گريڊ تائين ڀرتي ڪيون وينديون، کاتي جي بجيٽ ۾ 73 لکن جو اضافو ڪيو ويو آهي.  هن چيو ته اسان  20 سيف هائوس کوليا آهن.  هن چيو ته ايم ڪيو ايم بهارين جي اشو تي ٺهي، شهيد ڀٽو پاڻ بهارين کي 1973ع ۾ جهاز ۾ هتي آندو هو . هن چيو ته سنڌ جي مهرباني آهي جنهن اسان کي مهاجر بڻجڻ نه ڏنو. ٻي صورت ۾ نه اسان کي نوڪريون ملن ها  ۽ نه گورنر شپ ملي ها  ۽  نه اسپيڪر ٿيون ها. مهاجر بڻجي رهون ها ته زمينن جا مالڪ نه هجون ها. ايم ڪيو ايم جي سنجي پيرواڻي چيو ته پاڪستان هندو ڪائونسل لاءِ سنڌ بجيٽ ۾ 5 ڪروڙ رکيا ويا آهن، اسان انهي اين جي او کي نٿا مڃون. سنڌ جي اقليتي  ايم پي ايز کي ته بجيٽ نٿي ملي، ٻي پارٽي مان آيل ايم اين اي کي 5 ڪروڙ ڏنا ويا.  تحريڪ انصاف جي ايم پي اي شاهه نواز جدون چيو  ته سنڌ جي 70 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن.  جي ڊي اي جي ايم پي اي نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته ڪتن کي خصي ڪرڻ 80 ڪروڙ رکيا ويا،  خبر ناهي اها رٿا ڪڏهن مڪمل ٿيندي؟ بجيٽ ۾  اين جي اوز لاءِ 25 ڪروڙ رپيا رکيا ويا، هن چيو ته سنڌ ۾ آفيسرن جي کوٽ آهي. پرموشن نٿا ڪيا وڃن. مينارٽي بل لاءِ بلاول ڀٽو جا ڪيل وعدا وفا ناهن ٿيا سانگهڙ سوئي گيس سان مالا مال ضلعو آهي پر مقامي ماڻهن کي روزگار نه ٿو ملي ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي نديم صديقي چيو ته سائيٽ حيدرآباد جي روڊن جي حالت  خراب آهي. شهر جي اسپتالن ۾ مشينون خراب آهن، شهر ۾  پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو بدترين صورتحال اختار ڪري ويو آهي.  جماعت اسلامي جي عبدالرشيد چيو ته بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ رڳو 10 ارب رکيا ويا آهن. پي ٽي آءِ  جي ايم پي اي خرم شير زمان  چيو ته سنڌ ۾ اسان کي رڳو خواب ڏيکاريا  وڃن ٿا، اسانجي  خواهش آهي ته اسان جا ٻار به پنجاب ۽ ڪي پي جي ٻارن وانگر ترقي حاصل ڪن. هن چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي پر پ پ هن شهر سان ويڳي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي. 70 سيڪڙو شهر تي ٽينڪر مافيا جو راڄ آهي. صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو ته سنڌ سرڪار مندرن جي سيڪيورٽي لاءِ 650 ڪيميرائون لڳائي رهي آهي، گهرو کاتو  مندرن ۽ چرچن جي حفاطت لاءِ 4 هزار پوليس اهلڪار ڀرتي  پيو ڪري، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.