اسلام آباد : سنڌ مان چونڊيل قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن مان سڀ کان وڏو زميندار نادر مگسي هجڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، ٻئي نمبر تي سڀ کان وڏو زميندار اڳوڻو صدر آصف زرداري آھي جنهن پنهنجي اثاثن ۾ 5658 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر  ڪئي آھي، بلاول 598 ۽ مراد شاهه رڳو 51 ايڪڙن جو مالڪ نڪتو.تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل سال 2021ع جي اثاثن جي تفصيلن جي جائزي سان اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته وڏا زميندار تصور ٿيندڙ گهراڻن سان تعلق رکندڙ چونڊيل ميمبرن وٽ ٻين کان گهٽ زمين آهي.اليڪشن ڪميشن پاران سال 2021 جي قومي ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي جاري ڪيل اثاثن   موجب سنڌ اسيمبلي ميمبر مير نادر مگسي پنهنجي اثاثن ۾ 6 هزار 84 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي آهي، جنهن ۾ 4973 ايڪڙ زمين بلوچستان ۾، 229 ايڪڙ زمين شهدادڪوٽ، 207 ايڪڙ زمين قبو سعيد خان، 612 ايڪڙ زمين جاتي سجاول ۾ ڄاڻائي وئي آهي، بينظير آباد مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي اثاثن ۾ ڪل 5658 ايڪڙ زرعي زمين  ظاهر ڪئي آهي،  ديهه جهنڊو مري ۾ 757 ايڪڙ مقاطعي تي زرعي  زمين، ٽنڊو الهيار ۾ 3286 ايڪڙ زمين مقاطعي تي، بدين جي ماتلي ۾ 700 ايڪڙ زمين مقاطعي تي، دوڙ ۾ 478 ايڪڙ زمين مقاطعي تي حاصل ڪيل ڄاڻائي  آهي، آصف زرداري پنهنجي اثاثن ۾ ٽنڊو الهيار، نوابشاهه، لاڙڪاڻي ۾ به زمين ظاهر ڪئي آهي، قمبر ضلعي مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي ميمبر سردار چانڊيو پاڻ کي ڪل 1492 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، ان کانسواءِ هن وائيلڊ لائيف فارم به پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، جنهن جي ايراضي هن نه ڄاڻائي آهي، سنڌ اسيمبلي ميمبر علي گوهر مهر 1181 ايڪڙ زمين ظاهر ڪئي آهي، جنهن ۾ هن 816 ايڪڙ زمين ليز تي حاصل ڪيل ڏيکاري آهي، سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد علي ملڪاڻي 1101 ايڪڙ زمين، گهوٽڪي مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر خالد لنڊ 1079 ايڪڙ، عمر ڪوٽ مان  چونڊيل قومي اسيمبلي نواب يوسف ٽالپر 1094 ايڪڙ زمين جنهن ۾ 921 ايڪڙ زمين سندس ذاتي نالي تي جڏهن ته باقي زمين ڌيئرن ۽ گهرواريءَ جي نالي تي ظاهر ڪئي وئي آهي، سنڌ اسيمبلي ميمبر راڻا همير سنگهه 907 ايڪڙ، سنڌ اسيمبلي ميمبر ملڪ اسد سڪندر 855 ايڪڙ زمين، پير پاڳاري جي فرزند سنڌ اسيمبلي ميمبر پير راشد شاهه 817 ايڪڙ زرعي زمين، ان کانسواءِ 56 ايڪڙن تي ٻڌل فش فارم ظاهر ڪيو آهي، سنڌ اسيمبلي ميمبر معظم علي عباسي 792 ايڪڙ زمين، سنڌ اسيمبلي ميمبر نواب تيمور ٽالپر 780 ايڪڙ زرعي زمين، دادو مان چونڊيل قومي اسيمبلي  ميمبر رفيق جمالي وٽ 760 ايڪڙ زمين، شبير بجاراڻي پنهنجي ۽ پنهنجي گهرڀاتين نالي ڪل 730 ايڪڙ زمين، سهيل انور سيال 726 ايڪڙ زمين ظاهر ڪئي آهي، جنهن ۾ 2 ايڪڙ زمين کاتي جي ۽ 724 ايڪڙ زمين مقاطعي تي ورتل ڄاڻائي وئي آهي، لاڙڪاڻي مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي اثاثن ۾ 598 ايڪڙ زرعي ظاهر ڪئي آهي، جنهن ۾ سانگهڙ پريتم آباد سنجهورو ۾ 97 ايڪڙ، ديهه ڀٽه رتوديرو ۾ 181 ايڪڙ، ديهه سالار رتو ديرو ۾ 33 ايڪڙ، ديهه پنجو ديرو ۾ 13 ايڪڙ، ديهه نئون ديرو ۾ 3 ايڪڙ، ديهه لاڙڪاڻو ۾ 2 ايڪڙ، جهنڊو مري ٽنڊو الهيار ۾ 240 ايڪڙ، تعلقي چمبڙ ۾ 12 ايڪڙ، نوابشاهه ۾ 17 ايڪڙ زرعي زمين شامل آهي، سنڌ اسيمبلي ميمبر سيد ضياءَ عباس شاهه 591 ايڪڙ زمين، بينظير آباد مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر سيد غلام مصطفيٰ شاهه 564 ايڪڙ زرعي زمين، سنڌ اسيمبلي ميمبر سيد اويس قادر شاهه 551 ايڪڙ زمين، سنڌ اسيمبلي ميمبر حسنين مرزا 529 ايڪڙ زرعي زمين، قمبر شهدادڪوٽ مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر آفتاب شعبان ميراڻي 522 ايڪڙ، نوشهري فيروز مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي ميمبر سيد مراد علي شاهه 521 ايڪڙ زمين، سنڌ اسيمبلي ميمبر علي حسن 473 ايڪڙ زمين، ميرپور خاص مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر مير منور ٽالپر 434 ايڪڙ زرعي زمين، جنهن ۾ ان جي ذاتي نالي تي 238 ايڪڙ زمين، سندس گهرواري فريال ٽالپر جي نالي تي 102 ايڪڙ زمين، ڌيءَ فاطمه جي نالي تي 94 ايڪڙ زمين شامل آهي، سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد سليم 423 ايڪڙ، سجاول مان چونڊيل اياز علي شاهه شيرازي 410 ايڪڙ زمين، سنڌ اسيمبلي ميمبر برهان خان چانڊيو 382 ايڪڙ، رياض  شاهه شيرازي 378 ايڪڙ زمين، طارق ٽالپر 365 ايڪڙ، گهنور اسراڻ 341 ايڪڙ زمين، عابد سندراڻي 329 ايڪڙ، منور وساڻ 328 ايڪڙ، مير الله بخش ٽالپر 325 ايڪڙ زمين، سانگهڙ مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر نويد ڏيرو پنهنجي اثاثن ۾ 311 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي آهي، سنڌ اسيمبلي ميمبر ارباب لطف الله 301 ايڪڙ، حزب الله ٻگهيو 291، بشير هاليپوٽو 279 ايڪڙ، شهريار مهر پنهنجي ۽ پنهنجي گهرڀاتين جي نالي تي 276 ايڪڙ زمين ڄاڻائي، سنڌ اسيمبلي ميمبر قاضي شمس الدين 276 ايڪڙ زمين، اسماعيل راهو 273 ايڪڙ، ٽنڊو محمد خان مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر نويد قمر 271 ايڪڙ زمين،سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام خان شورو 265 ايڪڙ زرعي زمين، سيد صالح شاهه جيلاني 256 ايڪڙ زمين، شاهه حسين شاهه 245 ايڪڙ زمين، فراز ڏيرو 232 ايڪڙ زرعي زمين، ملير مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر ڄام عبدالڪريم بجار 229 ايڪڙ زمين، نور احمد ڀرڳڙي 227 ايڪڙ زمين، مٽياري مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر مخدوم جميل الزمان 220 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي، سنڌ اسيمبلي ميمبر شهريار شر 218 ايڪڙ زمين، سيد ناصر حسين شاهه 216 ايڪڙ زمين، عبدالباري پتافي 208 ايڪڙ، شڪارپور مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر غوث بخش مهر پنهنجي اثاثن ۾ 207 ايڪڙ زرعي زمين ظاهر ڪئي آهي، جنهن ۾ 108 ايڪڙ زرعي زمين سندس نالي ۽ 99 ايڪڙ زرعي  زمين سندس گهرواريءَ جي نالي تي شامل آهي، سرفراز حسين شاهه 199 ايڪڙ، نوشهروفيروز مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر سيد ابرار علي شاهه 189 ايڪڙ زرعي زمين، ڄامشوري مان چونڊيل سڪندر راهوپوٽو 189 ايڪڙ زمين، علي غلام  189 ايڪڙ زرعي زمين، ٽنڊو الهيار مان چونڊيل ذوالفقار بچاڻي 187 ايڪڙ، ڄام اويس 186 ايڪڙ زمين، سنڌ اسيمبلي ميمبر نعيم کرل 185 ايڪڙ، شاهد ٿيهم 183 ايڪڙ زرعي زمين، غلام قادر چانڊيو 173 ايڪڙ زرعي زمين،گهوٽڪي مان چونڊيل سردار محمد بخش مهر 152 ايڪڙ زرعي زمين، رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي پٽ سنڌ اسيمبلي ميمبر عارف مصطفيٰ جتوئي پاڻ کي 154 ايڪڙ زمين جو مالڪ ظاهر ڪيو آهي، ذوالفقار علي شاهه 152 ايڪڙ، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني 150 ايڪڙ زمين، تاج محمد ملاح 150 ايڪڙ زمين، نوشهري فيروز مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر ذوالفقار علي بهڻ 145 ايڪڙ زرعي زمين، خيرپور مان چونڊيل جاويد علي شاهه جيلاني 142 ايڪڙ زرعي زمين، سنڌ اسيمبلي ميمبر عبدالڪريم سومرو 139 ايڪڙ زرعي زمين، جيڪب آباد مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر ميمبر محمد ميان سومرو پاڻ کي ڪل 137 ايڪڙ زرعي زمين جو  مالڪ ڄاڻايو آهي، ڊاڪٽر سهراب سرڪي 135 ايڪڙ، لاڙڪاڻي مان چونڊيل خورشيد جوڻيجو 133 ايڪڙ، مير ممتاز حسين 134 ايڪڙ، ساجد حسين ٻانڀڻ 126 ايڪڙ، سکر مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه 123 ايڪڙو زرعي زمين، جڏهن ته 85 لک رپين جو فارم هائوس، 90 لک رپين جي زرعي مشينري ظاهر ڪئي آهي، سعيد غني 122 ايڪڙ زمين جيڪا ميرپور ساڪرو ۾ آهي، ٿرپارڪر مان چونڊيل مهيش ملاڻي 121 ايڪڙ زمين، بدين مان چونڊيل مير غلام علي ٽالپر 111 ايڪڙ زمين، شڪارپور مان چونڊيل عابد ڀيو 108 ايڪڙو، امتياز شيخ 107 ايڪڙ، مخدوم رفيق الزمان 106 ايڪڙ زمين ظاهر ڪرڻ کان علاوه ٺٽي جي 116 ايڪڙ زمين پٽ جي نالي تي منتقل ڪيل زمين جا تفصيل به اثاثن ۾ ڄاڻايا آهن، سردار علي شاهه 103 ايڪڙ زمين، دادو مان چونڊيل عرفان لغاري 99 ايڪڙ زمين، ڄام اڪرام الله ڌارجو 91 ايڪڙ زمين، خيرپور مان چونڊيل فضل شاهه جيلاني 86 ايڪڙو، ممتاز علي چانڊيو 85 ايڪڙ زمين، فقير شير محمد بلالاڻي 85 ايڪڙ زمين، رفيق ٻانڀڻ 84 ايڪڙ زمين ڄاڻائي آهي، جنهن ۾ 42 ايڪڙ سندس نالي ۽ 42 ايڪڙ سندس گهرواريءَ جي نالي تي شامل آهي، سنڌ اسيمبلي ميمبر حليم عادل شيخ ڪل 67  ايڪڙ زمين، جنهن ۾ 4 ايڪڙ ملير ۾ ۽ 63 ايڪڙ زمين دادو جي ٿاڻي بولا خان ۾ ظاهر ڪئي آهي،  سنڌ اسيمبلي ميمبر سيد قائم علي شاهه 65 ايڪڙ زمين، پير مجيب 65 ايڪڙ زمين، سانگهڙ مان چونڊيل شاهنواز خان جوڻيجي جي پٽ روشن جوڻيجو پنهنجي اثاثن ۾ پاڻ کي رڳو 60 ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ ڄاڻايو آهي، فياض علي ٻٽ 54 ايڪڙ زمين، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 51 ايڪڙ، سيد خورشيد شاهه جي پٽ سنڌ اسيمبلي ميمبر سيد فرخ شاهه 50 ايڪڙ، ٿرپارڪر مان چونڊيل پير نور محمد شاهه 38 ايڪڙ زمين، امداد علي پتافي 17 ايڪڙ ۽ ساجد جوکيو 15 ايڪڙ زمين پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪئي آهي.