اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ صوبي مان چونڊيل قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن مان ڪيترائي ميمبر چوپايو مال رکڻ جا شوقين ظاهر ٿيا آھن، سنڌ جي چونڊيل ميمبرن مان  سڀني کان وڌيڪ چوپايو مال رکندڙ ارباب لطف الله ۽ ٻئي نمبر تي وڏو مالوند پاڻ کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ظاهر ڪيو آھي، ارباب لطف الله پنهنجي اثاثن ۾ 5 ڪروڙ 77 لک ماليت جون 377 مينهون، 482 ڳئون، 210 ٻڪريون ۽ 59 اٺ ظاهر ڪيا آھن، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي اثاثن ۾ 3 ڪروڙ 15 لک ماليت جو چوپايو مال ظاهر ڪيو آھي جنهن ۾ 20 گهوڙا، 300 اٺ، 250 ٻڪريون، 200 مينهون ۽ ڳئون شامل آھن، سردار محمد بخش مهر هڪ ڪروڙ 64 لک رپين جي ماليت جون 36 مينهون، 350 ڳئون، 92 رڍون ۽ ٻڪريون ۽ 58 اٺ ظاهر ڪيا آھن، عبدالرزاق راهمون 30 مينهون، 300 ٻڪريون، 110 رڍون، فقير شير محمد بلالاڻي اثاثن ۾ 16 لک ماليت جا 16 اٺ، 35 لک ماليت جون 40 مينهون، 200 ٻڪريون، 95 رڍون ظاهر ڪيون آھن جڏهن ته راڻا همير حمير سنگهه ھڪ ڪروڙ 80، سردار چانڊيو هڪ ڪروڙ 30 لک، رفيق ٻانڀڻ ھڪ ڪروڙ 40 لک، علي نواز مهر هڪ ڪروڙ 30 لک ماليت جي چوپائي مال جا مالڪ ظاهر ٿيا آھن، اليڪشن ڪميشن پاران سال 2021 جي جاري ڪيل اثاثن ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر عبدالرزاق 30 لک ماليت جون 30 مينهون، 42 لک ماليت جون 7 ڳئون، 21 لک ماليت جون 300 ٻڪريون، 5 لک ماليت جون 110 رڍون، 3 لک ماليت جا 3 اٺ پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيا آهن، علي گوهر مهر 88 لک رپين جو چوپايو مال جنهن ۾ مينهون، ڳئون ۽ رڍون شامل آهن، اويس قادر شاهه 75 لک رپين جو چوپايو مال، علي حسن 72 لک 90 هزار رپين جو چوپايو مال ظاهر ڪيو آهي، فقير شير محمد بلالاڻي 16 لک ماليت جا 16 اٺ، 35 لک ماليت جون 40 مينهون، 2 لک 75 هزار ماليت جون 15 ڳئون، 14 لک 40 هزار ماليت جون 200 ٻڪريون، 17 لک ماليت جون 95 رڍون، سيد نويد قمر 65 لک رپين جو چوپايو مال، سڪندر علي راهوپوٽو 60 لک رپين جو چوپايو مال، لال مالهي 58 لک 46 هزار رپين جو چوپايو مال ظاهر ڪيو آهي، ذوالفقار علي شاهه 50 لک رپين جو چوپايو مال، خورشيد شاهه 50 لک جو چوپايو مال، جاويد شاهه جيلاني 50 لک رپين جو چوپايو مال، عبدالباري پتافي 50 لک رپين جو چوپايو مال اثاثن ۾ ڄاڻايو آهي. ممتاز چانڊيو 35 لک 74 هزار ماليت جو چوپايو مال، نور احمد ڀرڳڙي 32لک، خالد لنڊ 25 لک 60 هزار، نوشهروفيروز مان چونڊيل ابرار شاهه وٽ 25 لک، غلام قادر چانڊيو 22 لک 50 هزار جو چوپايو مال اثاثن ۾ ڄاڻايو آهي، نعيم کرل 20 لک، سردار علي شاهه ڪيٽل فارم ۾ 15 سئو چوپايو مال، سيد علي نواز شاهه 15 لک رپين جو چوپايو مال، ميرپور خاص مان چونڊيل مير منور ٽالپر چوپايو مال ۽ گهوڙا 9 لک 80 هزار پنهنجي نالي تي، گهرواري جي نالي تي 12 لک رپين جو چوپايو مال ڄاڻايو آهي، غوث بخش مهر 8 لک، راشد شاهه 8 لک، عارف مصطفيٰ جتوئي 5 لک جو چوپايو مال ڄاڻايو آهي. ملڪ اسد سڪندر 170 چوپايو مال پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪيو آهي، عبدالعزيز جوڻيجو 48 ڳئون، 63 مينهون، 98 ٻڪريون، سيده ماروي فصيح 32 لک رپين جو چوپايو مال پنهنجي اثاثن ۾  ظاهر ڪيو آهي.