حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ کي هٿ سان ٻوڙائڻ خلاف داخل پٽيشن تي تفصيلي فيصلو جاري ڪندي چيف سيڪريٽري سنڌ کي 14 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم  ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت تفصيلي فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل ڏينهن ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري سنڌ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر سعيد احمد قريشي کي عدالتي حڪم تي عمل بعد شروعاتي رپورٽ پيش ڪرڻي هئي پر هن نه ئي رپورٽ پيش ڪئي ۽ نه وري پاڻ پيش ٿيو، ان لاءِ کيس شوڪاز نوٽيس اماڻيو ويو آهي. حيدرآباد سان تعلق رکندڙ وڪيل ممتاز احمد لاشاري ۽ ٻين پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته برساتي ٻوڏ دوران انتظامي لاپرواهي سبب سنڌ ٻڏي. 3 مهينا گذرڻ باوجود برسات جو پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو ۽ نه ئي متاثرين جي سهائتا لاءِ قدم کنيا ويا آهن. پٽيشن تي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران عملدار دعويٰ ڪري ويا هئا ته هو مهيني دوران شهرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائيندا پر ڪي اين شاهه، ٽنڊو آدم، ٺري ميرواهه ۽ ڀان سعيد آباد سميت ڪنهن به علائقي مان پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو، جنهن ڪري متاثرين اڃا تائين سفر پيا ڪن. عدالتي فيصلي موجب ته ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل به ڪو خاطرخواهه جواب نه ڏئي سگهيا ان لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي چيف سيڪريٽري سنڌ پاڻ پيش ٿي عدالت کي آگاهه ڪري ته هو هيستائين ڏنل عدالتي حڪمن تي ڪيترو عمل ڪرائي سگهيا آهن.