ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مرادشاهه پاران آبپاشي کاتي کي ٻوڏ واري پاڻي جي نيڪالي لاءِ اپاءَ وٺڻ ۽ زراعت کاتي کي ربيع جي فصلن جي پوکي لاءِ پلان تيار ڪرڻ جي هدايت، ڪالهه وزيراعليٰ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي چيو ته بلوچستان ۾ تيز برساتن سبب ٻوڏ جو پاڻي خضدار، بولان، سبي ۽ ڊيرا مراد جمالي کان ايف پي بند ۽ آر بي او ڊي ذريعي سنڌ ۾ داخل ٿيو. تيز برسات سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ کي ٻوڙي وڌو، ايف پي بند ۽ سپريو بند ۾ چار چار ڪٽ لڳڻ ڪري قمبر، شهداد ڪوٽ، قبو سعيد خان، وارهه، نصيرآباد، ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه ۽ جوهي سميت ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ آيا، هن ٻڌايو ته منڇر  5 سيپٽمبر تي 123.3 آر ايل تي پهتي، جنهن بعد  سيوهڻ کي بچائڻ لاءِ منڇر  کي آر ڊي 14۽ 52 تي ڪٽ ڏنا ويا، جنهن سبب بوبڪ، واهڙ، آراضي، چنا، جعفرآباد ۽ ٻيا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، هن چيو ته قمبر ۽ دادو مان پاڻي جو دٻاءُ گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. هن وقت پاڻي جو دٻاءُ ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ جي 5 يونين ڪائونسلن ۾ آهي. اجلاس ۾ وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته سنڌو ۾ لاٿ اچڻ بعد قمبر ضلعي جي شهرن ۽ ڳوٺن مان ميان ڊرين، ميروخان مين ڊرين ۽ گهرمين ڊرين سسٽم ذريعي پاڻي نيڪال لاءِ گهربل انتظام ڪيا وڃن. اجلاس ۾ وڏي وزير زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ کي هدايت ڪئي ته ربيع جي ليٽ  پوکي آبادگارن کي ٻج، ڀاڻ ۽ ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پلان تيار ڪيو وڃي، وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۽ ڪچين آبادين ۾ طبي ڪيمپن جو نيٽ ورڪ قائم ڪري  ماڻهن کي مفت طبي امداد فراهم ڪئي وڃي،  جڏهن ته ڳورهاري عورتن، ٻارن توڙي  بزرگن کي کاڌ خوراڪ فراهم ڪيو وڃي، وڏي وزير چوپائي مال واري کاتي کي هدايت ڪئي ته اهو جانورن جي ويڪسينيشن لاءِ ڪيمپون قائم ڪري، جڏهن ته متاثر ماڻهن جي چوپائي مال لاءِ گاهه جو بندوبست ڪيو وڃي، ان حوالي سان پنهنجو ورڪ پلان تيار ڪري اڳڀرائي بابت کيس روزاني رپورٽ پيش ڪئي وڃي، اجلاس ۾  وڏي وزير پي ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته اها ڊپليڪيشن ( 2 دفعا ڏيڻ ) کان بچڻ لاءِ ڪور 5 ٽيمن سان رابطو ڪري ته جيئن وڌيڪ گهربل سامان جو بندوبست ڪري سگهجي ۽ خريداري جا آرڊر ڏئي سگهجن هوڏانهن اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي فنڊز رليز ڪيا ويا آهن هن چيو ته سنڌ حڪومت مختلف سماجي ادارن، پاڪ فوج ۽ ٻين سان گڏجي متاثرن جي امداد لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن حالت ۾ به ماڻهن کي کاڌو پهچايو پيو وڃي، ڪا وڏي شڪايت ناهي ملي باقي ڪنهن ڊي سي يا مقامي انتظاميا سان ڪٿي ڪي ننڍا  مسئلا ٿيا هوندا ته انهن کي بعد ۾ ڏسي وٺنداسون، هن چيو ته عمران خان  واحد لاڏلو آهي، جنهن ريڊ لائين ڪراس ڪئي، عمران خان ذهني طور هٽلر آهي، رڳو پنهنجي حڪمراني چاهي ٿو،  عمران پنهنجا چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ فوج جو سربراه لڳائڻ چاهي ٿو