دادو/ڪڪڙ (رپورٽ: فتاح شيخ+ امير حسن ملاح) ڪرپشن، مھانگائي ، بيروزگاري ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف نڪتل سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سنڌ مارچ سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ خانپور، ڳوٺ کاٽ لشڪر ۽ ڪڪڙ بعد شهيد مخدوم بلاول پهچي ويو، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين پاران مارچ تي گلن ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو، سيد زين شاھ جي اڳواڻي ۾ سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شهيد مخدوم بلاول جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري وئي، ان موقعي تي  ڪارڪن جذباتي ٿي ويا ۽ مون جنگ وطن لاءِ جوٽي آ، مخدوم بلاول موٽي آ، جا نعرا هنيا ويا،  ان موقعي تي  سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي بحالي تڏھن ٿيندي، جڏھن توھان ووٽ جو صحيح استعمال ڪندو،  سنڌ تي ڌاريا قابض آھن، خوشحال سنڌ جي زراعت معشيت کي تباهه ڪيو ويو آهي،  سنڌين کي اقليت  ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشيون ٿي رهيون آهن،  سنڌو درياءَ تي سنڌ دشمن منصوبا اڏڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف متحد ٿيڻو پوندو، سيد زين شاهه چيو ته جيڪڏهن سنڌ کي بچائڻ لاءِ  ڪنهن سان به اتحاد ڪرڻو پيو ته ڪنداسين، سنڌ هن وقت ڏکئي وقت مان گذري رهي آهي، هڪ طرف ڏيڍ ڪروڙ عوام ٻوڏ ۾ بي گهر ۽ تباھ ٿيل آهي ته ٻئي طرف معشيت مڪمل طور تباھ آهي  اسيمبلين کي 5 سال ٿي ويا آهن، هن حڪومت کي وڃڻ گهرجي .