ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ جا صوبائي انتظام هلائيندڙ سنڌ سيڪريٽريٽ جي 46 سرڪاري کاتن ۾ 187 سيڪشن آفيسرن ۽ مانيٽرنگ آفيسرن جي کوٽ، لاڳاپيل کاتن پاران تفصيلي رپورٽ چيف سيڪريٽري حوالي، سيڪشن آفيسرن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي سفارش، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ ۾ 46 سرڪاري کاتن ۾ 17هين گريڊ جي سيڪشن آفيسرن جي بدترين کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، مختلف کاتن جي سيڪريٽرين چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت کي هڪ تفصيلي رپورٽ اماڻي پنهنجن کاتن ۾ سيڪشن آفيسرن جي خالي پيل جاين جا انگ اکر پيش ڪندي کيس سفارش ڪئي آهي ته سيڪشن آفيسرن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي ته جيئن کاتن جا انتظام بهتر نموني هلائي سگھجن، ان حوالي سان “پنهنجي اخبار” کي مليل دستاويزن موجب زراعت کاتي ۾ 9، ڪاليج ايجوڪيشن ۽ گورنر سيڪريٽريٽ ۾ 5_5، ثقافت، ورڪس ۽ زڪوات کاتي ۾ 4_4، توانائي، لينڊ يوٽيلائيزيشن ۽ سروسز کاتي جي لاڪرمنل پراسيڪشن شعبي ۾ 7_7، ماحوليات، فاريسٽ، صحت، گهرو کاتي، ليبر، بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس مينيجمينٽ ونگ، منارٽي، ٽرانسپورٽ، وومين ڊولپمينٽ کاتي ۽ سوشل پروٽيڪشن يونٽ ۾ 2_2 سيڪشن آفيسرن جون پوسٽون خالي پيل آهن. دستاويزن موجب ناڻي کاتي، خوراڪ کاتي، لوڪل گورنمينٽ ۽ پلاننگ کاتن ۾ 3_3، آبپاشي کاتي ۽ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ڊي جي مانيٽرنگ اينڊ ايواليوشن ۾ چيف مانيٽرنگ آفيسرن جون به 6_6 پوسٽون خالي آهن. اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ 17 سيڪشن آفيسرن، مختلف ضلعن ۾ اسڪول مينيجمينٽ ڪيڊر واري مانيٽرنگ اينڊ ايواليوشن آفيسرن جون 59 پوسٽون خالي ظاهر ڪيون ويون آهن، جڏهن ته وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ، وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم، معذورن جي ڀلائي واري کاتي، ايڪسائيز، هيومن رائٽس، آءِ ٽي، سيڙپڪاري کاتي، لائيو اسٽاڪ، پاپوليشن، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، نوجوانن جي ڀلائي واري کاتي ۽ عورتن جي هراسمينٽ جي خاتمي واري اداري ۾ هڪ هڪ سيڪشن آفيسر جي کوٽ آهي،ذريعن موجب ڄاڻايل کاتن ۾ 17هين گريڊ جي سيڪشن آفيسرن توڙي 17هين گريڊ وارين ٻين ڪيڊر پوسٽن تي آفيسرن جي کوٽ سبب کاتن جا انتظامي معاملا رولڙي جو شڪار بڻيل آهي، سائلن جي فائلن کي به مهينن جا مهينا دٻائي رکيو وڃي ٿو. واضح رهي ته سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسرن ۽ چيف مانيٽرنگ آفيسر جون مجموعي طور تي 546 پوسٽون آهن جن مان 357 پوسٽن تي مقرري ٿيل آهي ۽ مجموعي طور تي 187 عهدا خالي پيل آهن.