سنڌ حڪومت پاران هندو ڪميونٽي ملازمن لاءِ عام موڪل جو اعلان

0
252
سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾

ڪنري  (ن پ ا) سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ اڄ هندو برادري پنھنجو مذھبي تھوار ھولي جون خوشيون ملھائي رهي آهي، جيڪا ٽن ڏينهن تائين جاري رهندي

ڪنري، عمر ڪوٽ ۽ ٻين شهرن  هولي جي پروگرامن ۾ گيتن تي ٻار توڙي نوجوان ۽ ناريون ڏانڊيا سميت بھترين رقص پيش ڪري ۽ مٽڪي ٽوڙڻ جي رسم ادا ڪري خوشي جو اظهار ڪندا ۽ خصوصي پوڄا پاٽ ڪندا

سڀاڻي رنگولي جو ڏينھن ملھايو ويندو جنھن ۾ ھڪ ٻئي کي رنگ برنگي رنگ لڳائي خوشي جو اظھار ڪيو ويندو، ڪنري تعلقي ۾ ھندو برادري پاران رنگن ۽ محبتن ڀري تھوار ھولي جو شڀ ڏينھن وڏي ڌام ڌوم ۽ جوش جذبي سان ملھايو پي وڃي

ڪنري شھر جي غريب آباد، ٻسٽان، ڏامون مل ميگھواڙ پاڙي، مالھي پاڙي، گواريا پاڙي، ڪرشنا ڪالوني سميت مختلف ھنڌن تي شاندار تقريبون منعقد ڪيون ويون

ھندو برادري جي ننڍڙن ٻارڙن سميت سوين ماڻهن چھرن تي مختلف رنگن ۾ رنگ سجائي ڀرپور شرڪت ڪندا،  جڏهن ته تقريبن ۾ ھڪ ٻي مٿان رنگ ڇٽڪاري محبت جو اظھار ڪري بھار جي موسم جي آجيان پڻ ڪئي ويندي

سنڌ حڪومت پاران هندو ڪميونٽي ملازمن لاءِ عام موڪل جو اعلان

ٻئي پاسي هولي جي موقعي تي سنڌ حڪومت 18 ۽ 19 مارچ تي سمورن هندو ڪميونٽي جي ملازمن لاءِ صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

18 مارچ جمعو ۽ 19 مارچ ڇنڇر تي سمورن کاتن جي سرڪاري هندو ملازمن لاءِ موڪل هوندي

سنڌ حڪومت جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي