سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ يومِ عاشور عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

0
218
لبڪ يا حسين جي صدا بلند

سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ اسلام جي سربلندي لاءِ عظيم قرباني ڏيندڙ امام حسين عه ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ يومِ عاشور عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس نشتر پارڪ کان برآمد ٿيو، ماتمي جلوس جي روٽس تي ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي بند ڪيا ويا، پوليس ۽ رينجرز مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ موبائيل فون سروس معطل آهي

حيدرآباد ۾ قدم گاهه مولا علي کان مرڪزي ماتمي جلوس تعزين ۽ ذوالجناح سان گڏ برآمد ٿيو، سکر ۾ علي المرتضيٰ امام بارگاهه کان برآمد ٿيل مرڪزي ماتمي جلوس جو منزل ڏانهن سفر جاري آهي

لاڙڪاڻو ۾ عزاداري جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، عزادارن طرفان ياحسين ياحسين جي بُلند صدائن سان سينا زني ۽ زنجير زني ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي

ڄامشورو، ڪوٽڙي، ميرپور خاص، ٺٽو، سجاول، شهيد بينظير آباد، خيرپور، گهوٽڪي، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ اسلام جي سربلندي لاءِ عظيم قرباني ڏيندڙ امام حسين عه ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ يومِ عاشور عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي