حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري واري معاملي تي وفاقي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل رپورٽ منظر عام تي اچي  وئي آهي. رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته يوريا ڀاڻ جي اسمگلنگ ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي سان تعلق رکندڙ 93 ڊيلر شامل آهن جن خلاف ڪارروائي لاءِ به ايف آءِ اي اسلام آباد، ڊي جي رينجرز پنجاب، ڊي جي رينجرز سنڌ سميت لاڳاپيل ادارن کي خط به لکيو ويو آهي. سنڌ ۾ 14 ڏينهن گذرڻ باوجود وفاقي گھرو کاتي پاران ڀاڻ ڊيلرن خلاف ڏنل ڪارروائي واري حڪم تي به اڃا تائين ڪو به عمل ناهي ٿي سگهيو. وفاقي گهرو وزارت جي رپورٽ ۽ لکيل خط منظر عام تي اچڻ بعد ڀاڻ اسمگلنگ ۾ ملوث ڊيلر پاڻ بچائڻ ۾ سرگرم بڻجي ويا آهن. ”پنهنجي اخبار“ کي مليل رپورٽ ۽ خط ۾ واضح طور لکيل آهي ته اهو خط 7 جون 2022ع تي وفاقي گهرو وزارت جي سيڪشن آفيسر پاران لکيو ويو هو جنهن ۾ سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ زراعت کاتي کي سفارش ڪئي وئي هئي ته يوريا ڀاڻ جي اسمگلنگ ڪري ذخيرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي پر ذريعن موجب 2 هفتا گذرڻ باوجود ڊيلرن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي سگهي. وفاقي گهرو وزارت پاران جاري ڊيلرن جي لسٽ ۾ ميرپورخاص سان تعلق رکندڙ 2 اسمگلرن 300 ميٽرڪ ٽن ڀاڻ اسمگل ڪيو جڏهن ته 15 اسمگلرن جو تعلق بلوچستان سان آھي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مجموعي طور ڊيلرن يوريا ڀاڻ جي 1358 ميٽرڪ ٽن ذخيرا اندوزي به ڪئي. وفاقي گهرو وزارت پاران جاري رپورٽ ۾ سنڌ جي ڊيلرن بابت ڄاڻايو ويو آهي ته انهن لڳ ڀڳ 1310 ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ ذخيرو ڪري بليڪ تي وڪرو ڪيو. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي گهرو وزارت پاران يوريا ڀاڻ جي اسمگلنگ ۾ ملوث ڊيلرز خلاف جاري ڪيل رپورٽ ۽ ڪارروائي جي سفارش کانپوءِ منافعي خور ۽ ڊيلر مافيا جا بااثر ماڻهو پاڻ بچائڻ لاءِ سرگرم بڻجي ويا آهن جنهن ڪري 2 هفتا گذرڻ باوجود اڃا تائين سندن خلاف ڪا به اثرائتي ڪارروائي ناهي ٿي سگهي.