ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ برسات متاثرن ۾ امدادي سامان ۽ روڪ رقم جي ورڇ واري عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ نادرا چيئرمين مٿان  ڊيٽابيس سسٽم جوڙڻ لاءِ زور ڀريو آهي، ان  حوالي سان ڪالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سان نادرا جي چيئرمين طارق ملڪ ملاقات ڪئي، جنهن دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون، دوست ملڪ ۽ سهڪاري ادارا متاثر ماڻهن تائين امدادي سامان پهچائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته نادرا متاثر ماڻهن جو يونين ڪائونسل سطح تي ڊيٽابيس تيار ڪري، جنهن ۾  متاثرن کي فراهم ڪيل امدادي سامان جا تفصيل هجن، جنهن تي نادرا جي چيئرمين طارق ملڪ ٻڌايو ته نادرا پاران بهترين ڊيٽابيس ٺاهيو ويندو ته جيئن امدادي رقم ۽ سامان اصل مستحقن تائين پهچي سگهي ۽ ان جي تصديق پڻ ٿئي. نادرا جي چيئرمين ٻڌايو ته جن علائقن ۾ نادرا آفيسون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن، اسان اتي پنهنجا موبائل يونٽ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ملاقات ۾ وڏي وزير  چيو ته جن ماڻهن جي شناختي ڪارڊن جو مدو ختم ٿي ويو آهي، انهن جا ڪارڊ اوليتي بنيادن تي ٺاهيا وڃن، ملاقات ۾ نادرا چيف تجويز ڏني ته متاثرن کي رڳو سندن سڃاڻپ ڪارڊن تي بينڪ اڪائونٽ کولڻ جي اجازت ڏني وڃي، هن تجويز ڏني ته اهي اڪائونٽ موبائل بينڪ يونٽن ۾ کوليا وڃن، جيڪي پارٽنر بينڪن پاران رليف ڪيمپن ۽ متاثر ڳوٺن ۾ قائم ڪيا وڃن،  وڏي وزير چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت کي هدايت ڪئي ته هو نادرا چيئرمين سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪري ڊيٽا بيس تيار ڪرائي ته جيئن امدادي سامان جي ورڇ صحيح طريقي سان ٿي سگهي.