مورو (ن پ ا) سنڌ جي مشھور صوفي راڳي فقير سوڍل لغاري مورو پريس ڪلب پھچي صحافين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پيل برساتن جو پاڻي اڃا تائين نيڪال ناھي ٿي سگهيو،  سنڌ جا اٻوجھه ماروئڙا روڊن ۽ رستن تي کليل آسمان هيٺ ويهي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هن چيو ته آئون  سنڌ حڪومت کي اپيل ٿو ڪريان ته سنڌي ماروئڙن ۽ ٻوڏ ستايلن جي سار لڌي وڃي، ھن وقت سياري جي موسم اچي چڪي آھي ٻوڏ ستايل معصوم ٻارڙا سردي برداشت نه ڪري سگهندا، ھن وڌيڪ چيو ته مان ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي ڏنل سڏ “سنڌ سان درد جو رشتو“ جي سڏ کي لبيڪ ٿو چوان ۽ سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آھي جنھن سان دردن جو رشتو جڙيل آھي.