خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاه ۾ ڌاريا سنڌ خالي ڪريو تحريڪ ( ڪوئٽ سنڌ مومينٽ ) پاران ڌاري آبادڪاري  جي ڪري سنڌي سماج ۽ مردم شماري تي پوندڙ منفي اثر جي موضع تي مقامي شادي حال ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو سيمينار ۾ جسقم جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ، روادري تحريڪ جو اڳواڻ پنهل ساريو ، سنڌ سجاڳي فورم جو اڳواڻ سارنگ جويو ، پورهيت مزاهمت تحريڪ جو اڳواڻ سيد مسرور شاه ، سنڌ سجاڳ فورم جو اڳواڻ محب آزاد ، ايس يو پي جي ضلعي اڳواڻ حسين آزاد  ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ افغاني بستيون ٺاهي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش ۾ برابر جي شريڪ آهي. سنڌ جا حڪمران ڌرتي سان سچا هجن ها ته هي سنڌ جا نوجوان ڌارين جي آبادڪاري خلاف روڊن تي نه نڪرن ها، حڪمران ڌرتي ڌڻين مٿان غازي ڳوٺ ۾ گوليون هلائي انهن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو ويو ۽ ڳوٺ غير قانوني قرار ڏئي رهي آهي ، ڌارين جي نيڪالي لاء ڪو به قدم کڻڻ لاء تيار ناهي. هنن چيو ته 1954 کان جيڪي به ڌاريا سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن انهن کي نيڪالي ڏئي انهن جا ڪارڊ ڊوميسائل رد ڪري انهن کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي ، هنن چيو ته پشتون مهمان ٿي آيا آهن ته مهمان ٿي رهن انهن کي ڪو به حق ناهي هتي سياست ڪن يا ملڪيت خريد ڪن. يا ڪارڊ ڊوميسائل ٺهرائين اهيو غلط عمل آهي هو روزگار لاء سنڌ ۾ آيا آهن ته روزگار ڪن  هتي افغاني ڌارين جي سهولتڪار ڪير ٿو ڪري اهي پشتون ڪري رهيا آهن ته جئين سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿين هنن چيو ته سنڌي قوم جو اهيو مطالبو آهي ته سمورن افغاني ۽ ٻين ڌارين جا شناختي ڪارڊ فوري طور تي بلاڪ ڪيا وڃن نادرا جا ذميوار پاڻ چئي رهيا آهن ته 40 لک افغانين جا ڪارڊ ٺهيل آهن پر اسان سمجهون ٿا 40 لک کان وڌيڪ ڌارين جا شناختي ڪارڊ ٺاهيا ويا آهن. هنن سنڌي نوجوانن کي اپيل ڪئي واهڻ وستي ڳوٺ ڳوٺ وڃي اهيو پيغام ڏيو ته هلو ڪراچي ۾ روزگار ڪيو ڪراچي جي مالڪي ڪيو هنن چيو ته شهيد بلال ڪاڪا جي شهادت کانپوء پنهنجي ڌرتي جي بقا لاء سڄي سنڌ گڏ ٿي آهي انهن جو هڪ ئي نعرو آهي ته ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو.