موٽر وي اسڪينڊل: 6 ضلعن ۾ رٿا جا فنڊ فريز: اهم گرفتاريون

0
345

 

سنڌ سرڪار موٽر وي ميگا اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد 6 ضلعن ۾ ايم سڪس موٽروي پراجيڪٽ جا فنڊ فريز ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پرڏيهه فرار ٿي ويل اڳوڻي ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم جي گرفتاريءَ لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سکر، خيرپور، نوشهروفيروز، شهيد بينظيرآباد، مٽياري ۽ حيدرآباد ضلعن جا فنڊز فريز ڪيا ويا آهن، ايم سڪس موٽر وي پراجيڪٽ جي فنڊز مان هاڻي ڪا به ادائيگي نه ٿي سگهندي

مرتضيٰ وهاب چيو ته اينٽي ڪرپشن سنڌ وفاق سان رابطو ڪري تاشفين عالم جي گرفتاريءَ لاءِ انٽرپول جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرائيندي

سنڌ حڪومت جي ترجمان ٻڌايو ته ميگا اسڪينڊل ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جا ماڻهو ملوث هئڻ جا به امڪان آهن

مرتضيٰ وهاب موجب اينٽي ڪرپشن مٽياري ضلعي مان گهوٻيون هنيل 42 ڪروڙ هٿ ڪري خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن

ٻئي پاسي  موٽر وي ميگا اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ اينٽي ڪرپشن ٽيم ڊي سي آفيس نوشهروفيروز تي ٻيهر ڇاپو هنيو

اينٽي ڪرپشن ٽيم اڳوڻي ڊي سي تاشفين عالم جي پي اي عزيز انصاري، اڳوڻي اڪائونٽنٽ رستم کوسي ۽ سوشل ويلفيئر آفيسر سجاد ميمڻ کي گرفتار ڪيو آهي

ميگا اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي جي پراپرٽي کي سيل ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڏني

ميگا اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ نيب به ڊي سي آفيس نوشهروفيروز جي عملي، تپيدارن ۽ کاتيدارن کي سکر طلب ڪري ورتو

ھي به پڙھندا

موٽر وي اسڪينڊل: نيب سکر جي ٽيم پاران نوشهروفيروز ۾ سنڌ بينڪ جي برانچ تي ڇاپو

موٽر وي اسڪينڊل: ڊي سي آفيس تي ٻيهر ڇاپا، اهم رڪارڊ هٿ