ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت گيس ميٽر جي مسواڙ ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان توانائي واري وزير امتياز شيخ جو چوڻ آھي ته اوگرا ۾ ويٺل بابوئن جي هڪ هٽي ناقابل برداشت آھي، اسان  وفاقي حڪومت کي پنهنجي خدشن کان آگاھ ڪري ڇڏيو آھي،گيس ميٽر جي ماهوار مسواڙ 500 رپيا ڪرڻ غريب عوام سان ناانصافي آھي، آئون وفاق کي خط لکندس