ڪراچي: سنڌ سرڪار ڪورونا ويڪسينيشن لاءِ موبائل ويڪسينيشن يونٽ قائم ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ سنڌ صحت کاتي پاران سنڌ جي دارالامانن، ايڌي اولڊ وليج، معذورن ۽ بستري داخل بيمارن جي ويڪسين انهي موبائل يونٽ ذريعي ڪئي ويندي، يونٽ ۾ شامل صحت کاتي جو تربيت يافته عملو ويڪسين لڳائيندو.