ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم ) ٿر ۾ غزائيت جي کوٽ سبب نشونما متاثر ٿيڻ ڪري 50 سيڪڙو  ٻارڙن جا قد نه وڌڻ جو اعتراف، ان ڏس ۾  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  پاران ٿرپارڪر ۾ اسٽنٽنگ (قد نه وڌڻ ) بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٿر ۾ غذائي کوٽ سان سلهاڙيل غربت، صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي، صحت ۽ صفائي سٿرائي  جا مسئلا، لڏپلاڻ، ننڍي  عمر  جون شاديون، ڄم ۾ گهٽ وقفو، ٽرانسپورٽ سميت انساني وسيلن جي کوٽ جا انيڪ مسئلا آهن. بين الاقوامي اداري محتسب (IOI) جي مقامي سبسڊي سان گڏ ريسرچ اينڊ ٽريننگ ونگ، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي پاران تيار ڪيل رپورٽ تي ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ سرڪار ٿر ۾پاڻي جو مسئلا حل ڪرڻ لاءِ آر او پلانٽ لڳايا آهن، مٺي واري اسپتال ۾ جديد سهولتون ميسر ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ضلعي جي تعلقي اسپتالن ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، ڳورهارين عورتن جي طبي معائني، ويم ۽ بهتر کاڌ خواڪ لاءِ وظيفا شروع ڪيا آهن، ان موقعي تي صوبائي محتسب اعجاز علي خان چيو ته پاڪستان ۾ پنجن سالن کان گهٽ ڄمار جي ٻارن ۾ اسٽنٽنگ ( غذائي کوٽ سبب قد نه وڌڻ) وڏو مسئلو آهي. هي مرض حمل کانپوءِ 1000 ڏينهن تائين يعني ٻار جي عمر  2  سال ٿين تائين هوندو آهي جنهن سان نه رڳو بيماري ۽ فوتگين ۾ اضافو ٿيندو آهي پر جسماني ڪمزوري پڻ ٿيندي آهي، اها تدريسي ۽ تعليمي ڪارڪردگيءَ کي گهٽائڻ سميت بالغن جي پيداواري صلاحيت کي پڻ گهٽ ڪريو ڇڏي.  تقريب ۾ پلاننگ کاتي پريزينٽينشن ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ پنجن سالن کان گهٽ ڄمار ٻارن جي اسٽنٽننگ جا مسئلا گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڏو مسئلو رهيا آهن. اها صورتحال عالمي سطح تي 2001 ۾ 41.6 سيڪڙو ۽ 2011 ۾ 43.7 سيڪڙو، 2018 ۾ 40.2 سيڪڙو رهي. جڏهن ته نيشنل نيوٽريشن سروي NNS – 2011 موجب سنڌ ۾ اسٽنٽنگ جي شرح 48.9 سيڪڙو ۽ NNS-2018 موجب شرح 45.5 سيڪڙو آهي جڏهن ته ملٽي پل انڊيڪيٽر ڪلسٽر (MICS) 2018 موجب اها شرح وڌي 50 سيڪڙو ٿي.  MICS 2014 موجب ٿرپارڪر ۾ اها شرح 50.6 سيڪڙو هئي.جنهن تي ضابطو آندو  پيو وڃي