ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته  آبادي ۽ گهرن جي ستين شماري لاءِ اختيار ڪيل ٽيڪنالاجي سان سندن ڪوبه تعلق ناهي پر ان جي درستگي ۽ صداقت بابت خدشا آهن.ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾  آدمشماري بابت چيف شماريات ڊاڪٽر نعيم ظفر جي سربراهي ۾ آيل وفد سان گڏجاڻي ڪندي هن چيو ته اڳ ۾ ٿيل آدمشماري  تي سنڌ سرڪار توڙي  عوام کي خدشا آهن، ان موقعي تي  شماريات چيف بريفنگ ڏيندي چيو ته 27 جولاءِ 2022ع  کان ڊجيٽل گهرشماري  شروع ڪئي وئي آهي، جنهن  لاءِ فيلڊ سروسز جاري آهن. هن چيو ته ستين آدمشماري لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان گڏ عملي جي  جامع تربيت شروع ڪئي وئي آهي.  جنهن تي وڏي وزير چيو ته ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ڳڻي وئي. هن وڌيڪ چيو ته اهو مسئلو ناهي ته توهان (بيورو آف اسٽيٽڪس ) ڳڻپ لاءِ ڪهڙي ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهيا آهيو، اصل سوال آدمشماري جي درستگي ۽ صداقت جو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو  ته ته گهرشماري لاءِ ورڪ پلان/ سوال نامو تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آدمشماري  جي نگراني لاءِ ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. اجلاس ۾ صوبن جي تجويزن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ اجلاس گهرائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.