ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيڙپڪاري بابت خاص معاون قاسم نويد چيو آهي ته ملير ايڪسپريس وي سنڌ حڪومت جو منصوبو آهي، اهو ايشيائي ترقياتي بينڪ ( اي ڊي پي ) جو ڪڏهن به حصو ناهي رهيو، ڪالهه هتي ٿيل اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملير ايڪسپريس وي ماحولياتي حوالي سان مڪمل طور تي محفوظ منصوبو آهي، انوائرمينٽل پروٽيڪشن اٿارٽي پڻ انهي رٿا کي  محفوظ قرار ڏنو آهي. اجلاس ۾ قاسم نويد هدايت ڪئي ته ملير ايڪسپريس وي سان ڪراچي جي ٽرانسپورٽ جا مسئلا حل ٿيندا، هن هدايت ڪئي ته منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن