حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ مهانگائي تي ضابطي آڻڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. پيپلزپارٽي جمهوري عوامي پارٽي آهي جنهن ڪري عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرايا پيا وڃن. پنهنجي رهائشگاهه راول هائوس تي تڪ جي عوام سان ملاقات دوران صوبائي وزير چيو ته هو عوام جي مسئلن کي ترت حل ڪرڻ لاءِ تڪ جي عوام سان ويجهي رابطي ۾ آهي ته جيئن سندن مسئلن ۽ شڪايتن جو ترت ازالو ڪري سگهي. رمضان المبارڪ کان اڳ بچت بازارن جو اهتمام ڪيو ويندو جڏهن ته منافعي خورن خلاف ڪارروائي ۽ اگهن تي ضابطي لاءِ پرائيز ڪنٽرول ڪميٽيون جوڙيون وينديون ته جيئن غريب ماڻهن کي وڌ کان وڌ فائدو پهچي سگهي. صوبائي وزير ايڇ ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر کي صفائي سٿرائي جا بهتر انتظام ڪري اسٽريٽ لائيٽون لڳائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن روزيدارن کي برڪتن واري مهيني ۾ پريشانين کان بچائي سگهجي.