ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) اينگرو انرجي جو جهمپير ۾ 400 ميگا واٽ جو سولر اينڊ ونڊ پاور منصوبو اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.  بزنس ٽو بزنس پراجيڪٽ تي اڳڀرائي سان سنڌ جا توانائي واري منصوبا تيزي سان اڳتي وڌندا. ڪالهه  توانائي واري وزير امتياز شيخ پنهنجي آفيس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري جون هدايتون آهن ته سنڌ مان لوڊشيڊنگ جي مڪمل خاتمي لاءِ گڏيل پلان جوڙيو وڃي. اسان سنڌ جي 37 وڏين اسپتالن ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي عمارت کي سولر سسٽم تي  منتقل ڪيو آهي. اينگرو انرجي جو 400 ميگا واٽ جو سولر اينڊ ونڊ پاور پراجيڪٽ منظوري لاءِ اڄ ڪابينا آڏو پيش ڪيو ويندو، سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني انهي رٿا لاءِ  بجلي جي ٽرانسميشن لائين جا انتظام ڪري رهي آهي، هن چيو ته  توانائي منصوبن جي حوالي سان سنڌ سڀ کان اڳتي آهي، پاڪستان جي سستي ترين بجلي ٿر ڪول پاور مان ملي ٿي. سنڌ صوبو هن وقت 10 کان 12 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، جيڪا نيشنل گرڊ ۾ شامل ٿي رهي آهي. هن چيو ته   بجلي جي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ لاءِ نيون ڪمپنيون آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو کي سنڌ حڪومت جي ماتحت ڪرڻ واري معاملي تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي. سنڌ حڪومت حيسڪو ۽ سيپڪو کي وٺڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، وفاقي حڪومت کي انهي تي ڪو به اعتراض ناهي، هن چيو ته سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (سيپرا) به تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي،  سنڌ جي شهرن ۾ سولرائيزيشن لاءِ شهري ضرورتن جي حوالي سان نيون ڊزائينون پڻ ٺاهڻيون پونديون، ھن چيو ته گيس جي فراهمي لاءِ سوئي سدرن جي ايم ڊي سان ڳالهيون جاري آهن، گيس بلن جون شڪايتون حل ڪرڻ لاءِ گيس ڪمپني سان ڳالهيون ڪنداسين  سنڌ حڪومت پاڻ گيس ڪمپني هلائڻ لاءِ تيار آهي.