ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي ، ڳوٺ شفيع محمد نظاماڻي ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ الطاف نظاماڻي سان سندس والده جي وفات سلسلي ۾ عذر خواهي ڪرڻ بعد ميٽ دي پريس دوران هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا ويا آهن ، سنڌ جي سرڪاري ادارن کي تباھ برباد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ زراعت کي تباھ برباد ڪيو ويو آهي، ڪڻڪ جي خريداري جا سينٽر کولڻ باوجود ڪڻڪ جي خريداري محدود ڪري سنڌ جي آبادگار کي معاشي طور بدحالي جو شڪار بڻايو ويو آهي وفاق طرفان سهڪار ڪرڻ کي غلط سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ ڪراچي کان ٽنڊو محمد خان تائين عوام کي بنيادي سهولتن فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ پيڪيج ڏنو آهي پر پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت صرف عوام کي ڪرپشن جو تحفو ڏنو آهي، هن ٽنڊو محمد خان ۾ سرڪاري تعليم ادارن ۾ ڪرپشن جو قومي ادارن کي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته بدقسمتي آهي ته ٽنڊو محمد خان ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت سان ٺهيل گورنمينٽ پبلڪ اسڪول جي عمارت ٺهڻ کانپوءِ مسمار ٿي رهي آهي جنهن ۾ چونڊيل نمائندن ڪرپشن جي انتها ڪئي آهي .