سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج ۽ گوڙ دوران نئين مالي سال جي بجيٽ منظور

0
419
سنڌ ۾ نئون مڪاني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج ۽ گوڙ دوران نئين مالي سال جي بجيٽ منظور، اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه مالي گهرجون پيش ڪيون ۽ اپوزيشن هڪ به ڪٽوتي رِٿ پيش نه ڪئي، 14 سئو 77 ارب رُپين جِي مالياتي واري بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور، اسپيڪر بجيٽ منظور ٿيندي ئي اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، اپوزيشن ميمبرز آخر تائين احتجاج ڪندا رهيا، صوبائي وزير ناصر شاهه بجيٽ اڪثريت راءِ سان منظور ٿيڻ جِي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته اسپيڪر اپوزيشن کي 2 ڏينهن ڏنا ته جيئن بجيٽ تي بحث ڪن ۽ ڪٽوتي جون رِٿُون پيش ٿين، پر اپوزيشن هڪ رٿ پيش نه ڪئي، اپوزيشن بجيٽ ۾ ڪابه دلچسپي نه ڏيکاري، ٽئڪس فري بجيٽ جي منظوري تي سنڌ واسين کي واڌايون، سنڌ حڪومت جَي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اپوزيشن جي رويي سبب سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ قائد ايوان تقريرون نه ڪري سگهيا، اسپيڪر اپوزيشن کي هر هر درخواست ڪئي پر سندن رويو افسوسناڪ رهيو…..