اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صوبي پاران سنڌ جي ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ واري منصوبي جي سخت مخالفت ڪرڻ باوجود وزيراعظم عمران خان سنڌ جي ٻيٽن تي نئين شهر اڏڻ واري منصوبي تي بضد آهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ سرڪار سان ڀنڊار ٻيٽ تي شهر اڏڻ بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن، ان منصوبي سان پرڏيهه مان تمام گهڻو پيسو ايندو، جنهن سان رپيو مضبوط ٿيندو، اهڙو اظهار ڪالهه هن اسلام آباد جي فراش ٽائون ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. عمران خان چيو ته ملڪ مٿان قرض چڙهيل آهي، اسان جي وزيرن کي به اهو معلوم ناهي ته ڇو اڍائي سال اسان تنگ دستي ۾ گذاريا آهن؟ هر سال قرضن جون قسطون وڌنديون پيون وڃن، بدقسمتي سان اهڙا قرض ورتا ويا آهن جن سان قرضن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ جي دولت ۾ اضافو ٿئي ته جيئن قرضن جون قسطون ادا ڪري سگهجن، هن جو چوڻ هو ته ايف بي آر گذريل مهيني ۾ وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪيو، جيئن جيئن اسان جي هائوسنگ ۽ تعميراتي سرگرميون وڌنديون وينديون دولت ۽ ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ٿيندو ۽ اسان قرضن جو بار لاهي سگهنداسين، وزيراعظم جو چوڻ هو ته بينڪن کي غريب ماڻهن کي قرض ڏيڻ جي عادت نه هئي پر هاڻي کين قرض ڏيڻ لاءِ بينڪون تيار آهن، ان هوندي به اڃا به مشڪلاتون اچي رهيون آهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ماڻهو ڪچي آبادي ۾ رهن ٿا، نيا پاڪستان اسڪيم تحت ماڻهو قسطون ادا ڪري پنهنجي گهر جا مالڪ ٿي سگهندا، هن چيو ته مسلم ليگ (نواز) اڍائي سالن ۾ 20 هزار ارب قرضن جي مد ۾ ادا ڪيا هئا، اسان 35 هزار ارب قرضن جي مد ۾ ادا ڪيا آهن، نواز ليگ کان 15 هزار ارب وڌيڪ جيڪڏهن ادا نه ڪيون ها ته بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ اها رقم لڳائي وڃي ها ته ملڪ تبديل ٿي وڃي ها، هن چيو ته لاهور ۾ راوي منصوبي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي ۾ کربين رپين جي سيڙپڪاري ايندي، سنڌ حڪومت سان ڀنڊار ٻيٽ منصوبي تي ڳالهيون هلي رهيون آهن، ڀنڊار منصوبي تي پرڏيهه مان پيسو ايندو، جنهن سان رپيو مستحڪم ٿيندو، اسان 2 ڊيم ٺاهي رهيا آهيون، ريلوي نظام کي نئون ٺاهي رهيا آهيون، جنهن سان ڪراچي کان لاهور تائين جو سفر 8 ڪلاڪن ۾ طئي ٿيندو، جنهن سان ڪارگو سميت سمورا مامرا تبديل ٿي ويندا، سينٽرل ايشيا تائين به ريل سروس شروع ڪنداسين.