وارھ (ن پ ا) پ پ ايم پي اي نواب سردار چانڊيو وارھ پهچي گهاڙ ڊرين ۾ پير ترڪڻ سبب  ٻڏي فوت ٿيل اڳوڻي يوسي چيئرمين علي حسن بروهي جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار جي ناقص ڪارڪردگي سبب سنڌ ٻڏي وئي ۽ عوام بي يارو مددگار بڻيل آھي، هن چيو ته  آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب ٻوڏ شھرن سميت سوين ڳوٺن  کي هٽ ڪندي تباهي آندي. هن چيو ته سنڌ سرڪار اسان جي نه ٿي ٻڌي ۽  اسان کان صلاح ئي نه پئي وٺي،  آبپاشي عملدار فوٽو سيشن ۾ پورا آھن، شاخن ۽  سم نالن جي کاٽي ڪيترائي سال گذرڻ سبب ناهي ٿي.انتظاميا پاران اڳواٽ منصوبابندي ڪندي پاڻي کي رستو ڏنو وڃي ها ته تباهي نه ٿي ها نصيرآباد ۾ گدام تي عدالتي ڇاپي واري سوال جي جواب ۾ سردار چانڊيو چيو ته پنهنجي تڪ جي مسڪين ماڻھن جي مدد لاءِ دبئي جي دوستن کي چيو هو، جن خيما موڪليا، جيڪي گدام تي پهتا ته مسڪينن تائين پهچڻ کان اڳئي پ پ سان ئي تعلق رکندڙ ڪجهه سياسي مخالفن جي چوڻ تي عدالتي ڇاپو لڳرائي سامان سيل ڪرايو ويو ۽ سستي شھرت جي ڪوشش ڪئي وئي.سردار چانڊيو چيو ته هي وقت سياست جو ناهي، ماڻھو بک ۽ غذائي کوٽ سبب مري رهيا آھن، سمورن کي ٻيهر اليڪشن ۾ عوام وٽ وڃڻو آھي، وقت آھي ته هر ڪوئي خدمت ڪري. سردار چانڊيو چيو ته ميد پل تي بيمارين سبب  ٻارڙن جي فوتگين تي ڏک ٿيو وڌيڪ طبي سهولتون ڏيارڻ لاءِ دبئي جي مدد سان هفتي لاءِ طبي امدادي ڪئمپ لڳرائي ويندي.