ڪراچي (رپورٽ: سترام مهيشوري) سنڌ ۾ پکين  ۽ جانورن جي شڪار تي پابندي باجود جهنگلي جيوت کاتي ڄامشوري ضلعي ۾ واقع کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ 25 جهنگلي ٻڪر گڍ ۽ سنڌ آبيڪس شڪار ڪرڻ لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي شڪارين کان آڇون گهرايون آهن، ان ڏس ۾ جهنگلي جيوت کاتي جي ڪنزرويٽر پاران جاري ڪيل اشتهار ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستاني شڪاري رڳو 5 سنڌ آءِ بيڪس شڪار ڪري سگهندا، جن کي في آءِ بيڪس لاءِ 3 لک رپيا ادا ڪرڻا پوندا، جڏهن ته پرڏيهي شڪاري وري 15 سنڌ آءِ بيڪس ۽ 5 گڍ شڪار ڪندا،  پرڏيهين لاءِ هڪ آءِ  بيڪس جي قيمت 5600 آمريڪي ڊالر ۽ هڪ گڍ جي قيمت  14000 آمريڪي ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي، ڪنزرويٽر موجب دلچسپي رکندڙ شڪاري 15 نومبر تي ٿيندڙ ٻولي م شامل ٿي سگهندا، 15 نومبر تي واڪ مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ 21 نومبر تي بيهر ٻولي لڳائي سگهبي، ڪنزويٽر موجب شڪار جي پرمٽ لاءِ ڏيهي شڪارين کي 15000 ۽ پرڏيهين کي 200 ڊالر الڳ ادا ڪرڻا پوندا، اشتهار ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي شڪارين لاءِ الڳ الڳ علائقا مختص ڪياويا آهن