اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت پاران صوبي اندر آدمشماري بابت گڏيل پارليامينٽ جي فيصلي تائين بلدياتي چونڊون ڪرائڻ کان انڪار ڪرڻ واري مامري تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ ٻڌڻي، دليلن کان پوءِ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ بابت فيصلو محفوظ ڪيو ويو. تفصيل موجب سنڌ صوبي پاران سنڌ اندر بلدياتي چونڊون ڪرائڻ کان انڪار واري مامري تي ڪالهه چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران سنڌ جي بلديات جو صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا، اليڪشن ڪميشن جي خصوصي سيڪريٽري ظفر اقبال ملڪ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218، 212 تحت بلدياتي چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ توڙي آئين تحت به بلدياتي ادارن جي 120 ڏينهن اندر چونڊ ڪرائڻ ضروري آهي، سنڌ حڪومت 2017ع جي آدمشماري جي حتمي نتيجن جي منظوري تائين بلدياتي چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪئي هئي، جنهن ڪري اليڪشن ڪميشن آدمشماري جا حتمي نتيجا جاري ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ۽ لاڳاپيل وزارتن کي خط لکيو هو، اليڪشن ڪميشن سي سي آءِ جي فيصلي تائين تڪبندين جي عمل کي روڪيو هو، پر هاڻي سي سي آءِ آدمشماري جي نتيجن کي منظور ڪري چڪي آهي، سنڌ حڪومت جي قدمن مان لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت ايندڙ 18 مهينن تائين بلدياتي چونڊون نه ٿي ڪرائڻ چاهي، هن اليڪشن ڪميشن کي استدعا ڪئي ته سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن حڪم جاري ڪري، اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي لا محمد ارشد خان چيو ته بلدياتي چونڊون ڪرائڻ صوبائي حڪومتن جي به آئيني ذميواري آهي، سنڌ حڪومت ان آئيني ذميواري کي پورو ڪرڻ ۾ دير ڪري رهي آهي،پهريان سنڌ حڪومت آدمشماري جي حتمي نتيجن جي منظوري جو شرط رکيو ۽ هاڻي آدمشماري جا نتيجا جاري ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت نئون اعتراض لڳايو آهي، اليڪشن ڪميشن کي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ لاءِ انتظار نه ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ 5 سالن تائين قانون سازي نه ڪري ته ڇا بلدياتي چونڊون پنجن سالن تائين نه ٿينديون، اليڪشن ڪميشن کي پارليامينٽ جو انتظار ڪرڻ سواءِ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ گهرجن ۽ صوبائي حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته اليڪشن ڪميشن کي نقشا ، گهربل ڊيٽا فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن لاءِ تڪبندي ڪري چونڊون ڪرائي سگهي، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت کي صوبي ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ ڪو مسئلو ناهي، 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري جو مامرو سي سي آءِ ۾ ويو، 2021ع ۾ سي سي آءِ 2017ع جي آدمشماري جي نتيجن جي منظوري ڏني، جنهن منظوري تي سنڌ جي وڏي وزير پنهنجو اختلافي نوٽ جمع ڪرايو، آئين تحت سي سي آءِ جي فيصلي تي اعتراض هجي ته مامري کي فيصلي لاءِ گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ موڪلي سگهجي ٿو ۽ ان مامري تي گڏيل پارليامينٽ جو فيصلو حتمي تصور ٿيندو، اسپيڪر ان مامري تي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس نه گهرائي ته آئين جي خلاف ورزي هوندي، اسپيڪر جي نااهلي جو ملبو سنڌ حڪومت تي نه ٿو وجهي سگهجي، اسپيڪر قومي اسيمبلي کي اهو مامرو گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ اٿارڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير 2 خط لکيا آهن، پارليامينٽ ۾ ڪيس وڙهڻ لاءِ تيار آهيون، اليڪشن ڪميشن هجي يا سنڌ حڪومت آئين کي چيلينج نه ٿي ڪري سگهي، 2017ع جي آدمشماري ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي آبادي گهٽ ظاهر ڪئي وئي آهي، پارليامينٽ سي سي آءِ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي، هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي بلدياتي ادارن مدت پوري ڪئي. اسان غلط آدمشماري تي مڪاني چونڊون ڪرايون ۽ ان بعد پارليامينٽ اهو فيصلو ڪري ته 2017ع جي آدمشماري جا نتيجا درست نه هئا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن به حڪم کي مڃڻ جا پابند آهيون، اسان فيبروري يا مارچ تائين بلدياتي چونڊون ڪرائي ڇڏينداسين، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر مرتضيٰ وهاب سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا توهان صوبي ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي ٽائيم لائين ڏئي رهيا آهيو؟ مرتضيٰ وهاب چيو ته جي بلڪل اسان ٽائيم لائين ڏئي رهيا آهيون، ليڪشن ڪميشن جو حڪم آيو ته ان تي عمل ڪرڻ جا پابند آهيون پر اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ کي ٻڌائي ته فوري طور تي گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس گهرايو وڃي، ڊي جي لا چيو ته جيڪڏهن سنڌ جو مامرو گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ نه اچي ۽ صوبائي ۽ قومي اسيمبلين جي مدت ختم ٿي وڃي ته به سنڌ حڪومت جي اپيل موجود رهندي يا اسيمبليون اگر ختم ٿي وڃن ته ڇا بلدياتي چونڊون نه ٿينديون؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته سي سي آءِ اڪثريت راءِ سان آدمشماري جي منظوري ڏئي چڪي آهي، ان فيصلي بعد بلدياتي چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ناهي، آدمشماري جي نتيجن کان پوءِ تڪ بنديون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، بلدياتي چونڊون ڪنهن صورت ۾ دير جو شڪار نه ٿيون ٿي سگهن، جنهن تي مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاق جي نمائندي صرف سنڌ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي، ڇا پنجاب، خيبر پختونخوا، بلوچستان، اسلام آباد ۾ بلدياتي چونڊون ٿي ويون آهن، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن جو جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو سمورن صوبن تي لاڳو هوندو، اهڙن دليلن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، ٻڌڻي کان پوءِ صوبائي وزير سيد ناصر شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اليڪشن ڪميشن کي خاطري ڪرائي آهي ته بلدياتي چونڊون ڪرائڻ کان نه ٿا گهٻرايون پر آدمشماري وارو مامرو پارليامينٽ وٽ زير التوا آهي.





























