ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار جي ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ اداري ڪراچي واٽر بورڊ حب ڊيم انتظاميا کي ڊيم جي سار سنڀال، مرمت ۽ ڪيپيٽل ڪاسٽ شيئر جي مد ۾ 2 ارب 8 ڪروڙ رپين جون رهتون ادا نه ڪيون، واپڊا اختيارين ناڻي وزارت ذريعي سنڌ جي حصي مان سِڌي ڪٽوتي جو اشارو ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ واپڊا اختيارين سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڪراچي واٽر بورڊ کي رهتن جي ادائگي لاءِ پابند بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، واپڊا اختيارين جو چوڻ آهي ته جون1981ع ۾ حب ڊيم جي اڏاوت کان وٺي نومبر 2022ع تائين آپريشن ۽ مينٽيننس توڙي ڪيپيٽل شيئر جي مد ۾ رقم اوڳاڙي لاءِ واٽر بورڊ کي ڪيترائي ڀيرا لکيو ويو آهي پر رقم جي ادائگي نه پئي ڪئي وڃي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ڪراچي واٽر بورڊ جي اختيارين پاران حب ڊيم مان روزانو 102 ملين گيلن پاڻي کڻڻ باوجود واپڊا سان رهتن جي ادائگي بابت ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، جنهن تي واپڊا اختيارين پاران سنڌ حڪومت کي رهتن لاءِ ناڻي وزارت ذريعي سڌي ڪٽوتي جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، واپڊا اختيارين پاران سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڄاڻايو ويو آهي ته حب ڊيم جي اڏاوت دوران ڪراچي واٽر بورڊ سان معاهدو ٿيو هو ته ڊيم جي سار سنڀال ۽ مرمت لاءِ   سنڌ کي 63.3 ۽ بلوچستان کي 36.7 سيڪڙو حصو ڏيڻو آهي، ڇاڪاڻ ته حب ڊيم مان سنڌ کي روزانو 102 ملين گيلن ۽ بلوچستان کي 59 ملين گيلن پاڻي ملي ٿو. خط ۾ لکيو ويو آهي ته ڪراچي واٽر بورڊ ڏانهن جون 1981 کان نومبر 2022 تائين آپريشن ۽ مينٽيننس جي مد ۾ هڪ ارب 46 ڪروڙ 13 لک ۽ ڪيپيٽل شيئر جي مد ۾ 75 ڪروڙ 44 لک رپيا مجموعي طور تي 2 ارب 8 ڪروڙ 12  لک رپين جون رهتون  ٿين ٿيون،  واپڊا اختيارين پاران خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي واٽر بورڊ جي اختيارين پاران رهتن جي ادائگي نه ڪئي وئي ته ناڻي وزارت ذريعي سنڌ جي حصي مان ڄاڻايل رقم جي سڌي ڪٽوتي ڪئي ويندي، خط ۾ لکيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي پاڻي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي واضح فيصلو ڏئي چڪي آهي ته جيڪڏهن صوبا 30 ڏينهن اندر رهتون ادا نٿا ڪن ته ناڻي واري وفاقي وزارت کي اهو اختيار آهي ته اها صوبن جي حصي مان رهتن واري رقم ڪٽوتي ڪري سگھي ٿي.