ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ جي سروسز کاتي وٽ 20 کاتن جي 18 کان 20گريڊ جي رٽائرڊ ٿيل نان ڪيڊر آفيسرن جو رڪارڊ موجود نه هجڻ جو انڪشاف، سروسز کاتي جي اختيارين اسڪول ايجوڪيشن، ڪاليج ايجوڪيشن، صحت، پبلڪ هيلٿ، ورڪس، پلاننگ، لائيو اسٽاڪ، ثقافت، آبپاشي ۽ ٻين کاتن کان  سال 2018 کانپوءِ رٽائرڊ ٿيل آفيسرن جو رڪارڊ  طلب ڪري ورتو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ حڪومت جي مختلف سرڪاري کاتن جي سال 2018ع کان 2022 تائين رٽائرڊ ٿيل 18کان 20 گريڊ جي نان ڪيڊر آفيسرن جو سروسز کاتي وٽ رڪارڊ ئي موجود ناهي،

مليل ڄاڻ موجب ته ڪجهه وقت اڳ سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين سروسز کاتي جي اختيارين کان چئن سالن اندر رٽائرڊ ٿيل مختلف کاتن جي نان ڪيڊر آفيسرن جو رڪارڊ گھرايو هو، جنهن دوران اهو انڪشاف ٿيو ته سروسز کاتي جي اختيارين وٽ اهڙن آفيسرن جو رڪارڊ موجود ئي ناهي، اهڙو معاملو سامهون اچڻ بعد چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت جي هدايتن تي سروسز کاتي جي اختيارين پاران سمورن کاتن جي سيڪريٽرين کي خط لکي هدايت ڪئي وئي آهي ته سال 2018ع کانپوءِ رٽائرڊ ٿيل نان ڪيڊر آفيسرن جو سمورو رڪارڊ مهيا ڪيو وڃي،

ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ پاران سنڌ سرڪار کان 4 سالن دوران رٽائرڊ ۽ گذريل ٽن سالن دوران فوت ٿيل ملازمن جو رڪارڊ گھرائڻ کانپوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري پاران لاڳاپيل کاتن کي رڪارڊ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي، رڪارڊ موجود نه هجڻ ڪري چيف سيڪريٽري پاران سروسز کاتي جي اختيارين کي اها ذميواري سونپي وئي ته هُو ڄاڻايل 20 کاتن کان رٽائرڊ ٿيل نان ڪيڊر آفيسرن ۽ سمورن کاتن کان 3سالن اندر فوت ٿيل ملازمن ۽ آفيسرن جو الڳ الڳ رڪارڊ گھرائي، چيف سيڪريٽري جي هدايتن بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران لاڳاپيل کاتن کي خط لکي لاڳاپيل پروفارما به جاري ڪيو ويو آهي  جنهن هيٺ ملازمن ۽ آفيسرن جي رٽائرمينٽ وارو سال، رٽائرمينٽ وارو گريڊ ۽ کاتي جا تفصيل اماڻيا وڃن.