سنڌ سان پاڻي ناانصافي تي معاشرو ماٺ ڇو !؟

0
335
اختر بلوچ، هڪ بي چين روح

سنڌ سرڪاري جي هڪڙي انتهائي ذميوار ماڻهو سان ڪجهه عرصو پهرين ڪچهري ٿي،ڪچهري ۾ ٻيا به کوڙ موضوع بحث هيٺ آيا پر جڏهن لاڙڪاڻي جي سياست،نثار کهڙي ۽ سهيل انور سيال جو ذڪر نڪتو ته ڪچهري جو موضوع پاڻي جي کوٽ تائين پهتو.مون سنڌ جي ان ذميوار شخص کان سوال ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي ٻنهي پوين اقتداري دورن ۾ آبپاشي کاتي کي ڪا خاص اهميت نه ڏني، ان حد تائين جو مهينن جا مهينا ڪو وزير مقرر نه پئي ٿيو ۽ اها وزارت وڏي وزير وٽ ئي رهندي آئي آهي. تازو هڪڙي تبديلي آئي جوسهيل انور سيل کي آبپاشي جو وزير مقرر ڪيو ويو ۽ هن ارسا سميت مختلف فورمن تي سنڌ جو پاڻي ڪيس اٿاريو ۽ ڪيترائي خط لکي،پريس ڪانفرنسون ڪري اها ڳالهه ٻڌائڻ ۽ مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ارسا جهڙو ادارو مڪمل طور وفاق ۽ وڏي صوبي جي ڪنٽرول هيٺ اچي ويو آهي، جنهن ڪري پاڻي معاملي تي سنڌ سان تمام گهڻي نا انصافي ٿي رهي آهي. ساڳي ريت سهيل انور سيال بعد اها وزارت جڏهن ڄام خان شوري کي ڏني وئي آهي ته هو پڻ  ساڳي ريت  وفاق کي خط لکڻ ۽ پريس ڪانفرنس ذريعي دانهون ڪري رهيو آهي ته سنڌ سان پاڻي معاملي تي تمام گهڻي زيادتي ٿي رهي آهي.  مونکي سنڌ حڪومت جي ان ذميوار شخص جو جواب ٻڌي حيرت جي حد نه رهي، هن چيو ته پاڪستان جي انتهائي وڏن فورمن تي اها ڳالهه بحث هيٺ آهي ته ڪوٽري بيراج کان هيٺ پاڻي جو  قطرو به نه وڃڻ گهرجي. ان ڪري سنڌ جو پاڻي ڪيس هاڻي ڪامريڊن يا قومپرستن جو نه پر سنڌ جي وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن  جي جياپي جو مسئلو بڻجي ويو آهي  ان ڪري نه رڳو سنڌ سرڪار پر سنڌ جي حڪمران پارٽي جو سربراهه به چوي ٿوته پاڻي نه هوندو ته سندس حڪومت ۽ ان جا سمورا اڳواڻ ڪيئن سروائيو ڪندا؟ مونکي هڪڙي ڳالهه جي خوشي به ٿي ته آخر ڪار سنڌ جي مٿئين طبقي کي اها ڳالهه دير سا ئي سهي پر  سمجهه ۾ ته آئي آهي. ڇاڪاڻ ته مون کي ياد ٿو اچي جڏهن رسول بخش پليجو سنڌ جي جهر جهنگ وڃي  اهي دانهون پيو ڪندو هوته سنڌ جي پاڻي مٿان ڌاڙا لڳي رهيا آهن، پاڻي نه هوندو ته سنڌ به نه رهندي، سنڌي به نه رهندا ۽ سنڌ جو وجود ئي ختم ٿي ويندو. ان وقت وڏيرا ۽ ان جا ساٿاري اهي الزام لڳائيندا هئا ته پليجي کي ڪالا باغ ڊيم جا ٺيڪا کپن. توڙي جو اڄ پليجو هن دنيا ۾ ناهي رهيو پر سنڌ جي هاڻي هر ماڻهوکي ان ڳڻتي اچي ورايو آهي ته پاڻي جي کوٽ جنهن رخ ۾ وڃي پئي ان سان سنڌ برپٽ ۽ بيابان نه بڻجي وڃي.

هڪڙي ڳالهه لکڻ لازمي ٿو سمجهان ته جڏهن سنڌ جي حڪمرانن کي دير سان ئي سهي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته وفاق ۽ وڏو صوبو سنڌ جو پاڻي نه رڳو چوري پر ارهه زوري سان کڻي رهيا  آهن، ارسا هڪڙو ڊمي ادارو بڻجي پاڻي جي ورڇ 91ع واري ٺاهه تي ڪرائڻ بدران زبردستي فيصلا مڙهي رهيو آهي ته سنڌ اندر سنڌ دوست ڌريون ۽ قانوني ماهر ڇو ماٺ آهن؟ سنڌ جو پاڻي ڪيس هميشه سنڌ دوست ڌرين ۽ پاڻي ماهرن وڙهيو آهي نه رڳو سنڌ سطح پر ملڪي ۽ عالمي فورمن تي پڻ سنڌ جي پاڻي ڪيس جا وڪيل وفاقي سياست ڪندڙ سياستدان پر سنڌ دوست سياست ڪندڙ سنڌ دوست رسول بخش پليجي جهڙا سياستدان،عبدالرسول ميمڻ،اي اين جي عباسي، قاضي عبدالمجيد ۽  ٻيا پاڻي ماهر رهيا آهن. نه رڳو سنڌدوست ڌريون پر ماضي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ ۽ ايوان زراعت جهڙا آبادگارن جا فورم پڻ جدوجهد جي ميدان ۾ شامل رهيا آهن،ان سان گڏ هاري تنظيمون پڻ سنڌ ۾پاڻي جي کوٽ ۽ پاڻي جي چوري خلاف احتجاج ڪنديون رهيون آهن. هن وقت جڏهن سنڌ پاڻي جي خطرناڪ کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي اڳ صرف لاڙ،ڪاڇو ، ڪوهستان ۽ ٿر جاماڻهو پاڻي جي کوٽ جون دانهون ڪندا هئا،هاڻي ته لاڙڪاڻي، خيرپور،شڪارپور ۽ گهوٽڪي جا ماڻهو به پاڻي جي کوٽ خلاف سراپا احتجاج آهن. سنڌجي اٺن کان وڌيڪ ضلعن ۾ ته ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۽ ٻين علائقن ۾ ساريالو فصل به پوکجي ناهي سگهيو، اها صورتحال جيڪڏهن ڪجهه سال برقرار رهي ته سنڌ۾ خطرناڪ صورتحال بڻجندي. هڪ طرف مٺو پاڻي سمنڊ ۾ نه پيو وڃي جنهن ڪري سمنڊ انتهائي تيزي سان اڳتي وڌندو پيو اچي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سمنڊ ۾لاڳيتو درياءَ جو پاڻي نه ويو ته سمنڊ حيدرآباد اچي دنگ ڪندو. ڏٺو وڃي ته سمنڊ جو زهريلو ۽ کارو پاڻي هاڻي زمين جي هيٺان ايترو اڳتي وڌي  آيو آهي  جو لاڙ واري علائقن ۾ 2 فوٽ کڏو کوٽڻ سان به اهو کارو پاڻي نڪري ٿو اچي. اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾سنڌ جي پاڻي ماهرن،آبادگار اڳواڻن،سنڌدوست ڌرين پاران ڪو آواز نه اٿارڻ ۽ خاموش رهڻ سان سنڌ سرڪار جيڪو انڌو منڊو آواز اٿاري رهي آهي اهو پڻ بي معنيٰ بڻجي وڃي ٿو.ڇاڪاڻ ته سنڌ سرڪار جي پاڻي کوٽ بابت لکيل خطن،اٿاريل آواز ۽ پريس ڪانفرنس جي جواب ۾ وفاقي سرڪار رڳو هڪڙو بيان جاري ڪندي آهي ته پ پ سرڪار مخالفن تي ڪوڙي تنقيد ڪري پنهنجي سياست چمڪائي رهي آهي. ماضي ۾ سنڌ جو پاڻي ڪيس سنڌ جي سموري سماج گڏجي وڙهيو آهي جنهن جو اثر  به ٿيو آهي. کوڙ موقعن تي ماضي جي وفاقي حڪومتن سنڌ جي گڏيل آواز کي موٽ به ڏني آهي جنهن ڪري ڪالا باغ ڊيم سميت ڪافي منصوبا رڪجي ويا ۽ اڃان تائين تعمير ناهن ٿي سگهيا. اهڙي ريت سنڌ جي  گڏيل احتجاج سبب چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ تونسا پنجند ڪينال بند ٿيا آهن ۽ سنڌ کي حصي جو پاڻي مليوآهي. هن وقت به جيڪڏهن دوست ڌريون سنڌ جا پاڻي ماهر آبادگارن ۽ هارين جون تنظيمون گڏجي آواز اٿارين ۽ پيپلز پارٽي جي صوبائي سرڪار سي سي آءِ سميت لاڳاپيل فورمن تي نيڪ نيتي ۽ سچائي سان آواز اٿاري ته پاڻي جي هن خطرناڪ کوٽ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.جيستائين پاڻي جي هن کوٽ خلاف سنڌ مان ڀرپور آواز نه اٿندو تيستائين وفاق ۽ پنجاب جي ڪن تان جونءَ به نه سرندي.

سنڌ ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي دريائي سلسلي ۾ سڀ کان پوڇڙ وارو صوبو آهي ۽ سمنڊ جي ڪناري وارو صوبو آهي  ان ڪري ان صوبي کي مٺي پاڻي يا نهري پاڻي جي ضرورت ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي. پاڻي جي کوٽ جو سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو. سنڌ جو زير زمين پاڻي پڻ کارو آهي، گڏوگڏ سنڌجو سڄو جياپو هڪڙي ئي سنڌودرياءَ تي آهي تنهن ڪري سنڌودرياءَ جي پاڻي تي جيڪي به ڌاڙا لڳن ٿا يا وري پاڻي چوري ٿئي ٿو،مٿان  رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون، چشما جهلم لنڪ ڪينال ۽ تونسا پنجند ڪينال کوليا وڃن ٿا، ان جو سڌو اثر سنڌ  جي معاشي زندگي تي پوي ٿو. جهڙي ريت سنڌجا ٻيا اهم مسئلا آهن، انهن سڀني مسئلن۾ سنڌ جو پاڻي چوري ٿيڻ وارو مسئلو سڀ کان وڏو بنيادي مسئلو آهي پاڻي بنا زندگي جي ترقي رڪجي وڃي ٿي ۽ انسان به پاڻي جي کوٽ جي ڪري پنهنجا ماڳ مڪان ڇڏي لڏپلاڻ ڪري ٿو، تنهن ڪري سنڌ جي سمورن طبقن کي پاڻي جي موجوده کوٽ، سنڌ جي پاڻي جي چوري ۽ ان کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه ملڻ خلاف پنهنجو آواز اٿارڻ گهرجي.