سنڌ سان پاڻي معاملي تي ناانصافي ڪڏهن ختم ٿيندي؟

0
117
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ ۾ موجود سياسي افراتفري ۾ عوام جا بنيادي مسئلا ئي گم ٿي ويا آهن.نه انهن تي حڪمرانن جو ڌيان ٿو وڃي نه ئي مخالف ڌر کي انهن جي پرواهه آهي.صوبن جا صوبن سان مسئلا الڳ آهن.ملڪ جي ٻن صوبن بلوچستان ۽ ڪي پي جي جهنگلات ۾ باهيون لڳل آهن ته سنڌ وري سوڪهڙي ۾آهي جتي زرعي آبادي لاءِ ته ٺهيو ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن ،پر حڪمران ۽ سياسي مخالف انهن مسئلن بدران پنهنجي سياسي مفادن لاءِ هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن جنهن سان عوام ڄڻ ته بي يار ۽ مددگار بڻيل آهي ۽ انهي جو ڪو واهرو نظر نه ٿو اچي.سنڌ هن وقت پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي جنهن سان انساني آباديون به خطري هيٺ آهن.

ملڪ ۾ مجموعي طور پاڻي جي کوٽ قدرتي  چئي وڃي ٿي پر سنڌ ۾ جيڪا کوٽ آهي انهي ۾ قدرتي کان وڌيڪ پاڻي جي چوري ۽ زوري وارو عنصر شامل آهي .سنڌ ڪيتري وقت کان وٺي پاڻي جي ورڇ 91 واري پاڻي ٺاهه مطابق ڪرڻ لاءِ دانهيندو رهيو آهي پر ان تي عمل نه ٿو ٿئي جنهن کانپوءِ پنجاب لڳاتار سنڌ جو پاڻي ڏاڍ مڙسي ڪري کڻندو رهي ٿو جنهن کي به ڪير روڪڻ وارو نه آهي. جڏهن پاڻي جي صورتحال بهتر هئي ته انهي چوري ۽ زوري تي احتجاج گهٽ ٿي رهيو هو پر جڏهن هاڻي صورتحال خراب ٿي آهي ۽ زرعي آبادي ته ٺهيو سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ انساني آبادي لاءِ ئي پيئڻ جي پاڻي لاءِ مسئلا ٿي رهيا آهن ته اها چور ي۽ زوري صاف ظاهر نظر اچي رهي آهي. پاڻي جي کوٽ جي حالت اها آهي جو ڪينجهر ڍنڍ بهذري گهٽ ڊيڊ ليول تي هلي وئي آهي جتان ڪراچي کي پاڻي مهيا ڪيو ويندو آهي. انهي صورتحال هوندي به سنڌ جي حصي مان 27 سيڪڙو ڪٽوٽي ڪئي وئي آهي جڏهن ته تونسا کان ڇڏيل پاڻي گڊو تائين پهچندي پهچندي30 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ گم ٿي ويو آهي. جنهن ڪري سنڌ ۾ مجموعي کوٽ ذري گهٽ 53 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

هن وقت سنڌ جو شايد ئي ڪو شهر هجي جتي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج نه ٿيندو هجي.ڪجهه ڏينهن اڳ انهي پاڻي معاملي تي سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم سان ملاقات جو فيصلو ڪيو هو پر وڏي وزير جي اوچتو ٻاهر وڃڻ سبب اها ملاقات نه ٿي سگهي، جڏهن ته ارسا هن وقت به سنڌ جو ڪيس ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.جيڪڏهن پاڻي جي قدرتي کوٽ آهي ته سڀني صوبن کي  گڏجي اها کوٽ کڻڻ گهرجي پر هن وقت به سنڌ جيڪو درياءَ جو مالڪ صوبو آهي ۽ پڇڙي ۾ آهي اهو ئي سڀني کان وڌيڪ کوٽ ڀوڳي رهيو آهي. ڪي پي ۽ بلوچستان انهي کوٽ کان آجا آهن جڏهن ته پنجاب پنهنجي حصي کان وڌيڪ کوٽ کڻڻ لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري اهو سڄو بار سنڌ صوبي تي پئجي رهيو آهي. جنهن ڪري زرعي سمجهيو ويندڙ صوبو هن وقت ڀڙڀانگ بڻجي چڪو آهي، درياءَ ۾ پاڻي بدران واري وهي رهي آهي. سنڌ جا ڪيترائي اهڙا علائقا آهن جتي چوپائي مال ته ٺهيو انساني آبادي لاءِ پيئڻ جو پاڻي مهيا ناهي. اسان وٽ ادارن جي حالت اها ڪئي وئي آهي جو اهي انصاف بدران جيڪو ڏاڍو سو گابو تحت فيصلا ڪن ٿا.پنجاب جي پاڻي چوري تي ارسا اکيون ٻوٽيون ويٺي آهي،پاڻي ورڇ 91 ٺاهه بدران پنجاب جي مرضي سان ڪئي ٿي وڃي.   حڪومتن کي پنهنجي سياسي معاملن کان فارغ ٿيڻ جو وقت ڪونهي،جنهن ڪري سڀ ڪجهه ڀوڳي عوام رهيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته پاڻي جي معاملي تي سنڌ سان اها زيادتي صوبي کي تمام گهڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيندي جنهن جو ملڪي معيشت تي به اثر پوندو ،تنهن ڪري حڪمران اکيون کولي ٻين معاملن کان ڌيان هٽائي سنڌ جي هن جيئڻ مرڻ واري معاملي ڏانهن ڌيان ڏين ته جيئن پاڻي جي کوٽ سنڌ ۾ اهڙي تباهي پيدا نه ڪري جنهن جو ازالو ڪرڻ ئي ناممڪن بڻجي وڃي.