سنڌ سان درد جو رشتو: سموري سنڌ ۾ ايڪتا ڏھاڙي جي آجيان لاءِ تقريبون، ميڙاڪا ۽ مچ ڪچھريون

0
315

ڪراچي (نمائندن وٽان) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي سڀاڻي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سموري سنڌ ۾ تياريون تيز ٿي ويون آھن، ننڍن وڏن شهرن ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي آجيان لاءِ تقريبون، ميڙاڪا، مچ ڪچهريون ۽ راڳ رهاڻيون

سنڌ واسين پاران ”سنڌ سان درد جو رشتو“ جي سِري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو عزم ڪيو ويو آھي، ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي سڏ تي سڀاڻي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ايڪتا جون تقريبون رٿيل آھن

ڪراچي ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار طرفان واءِ ايم سي روڊ ڦوهارا چوڪ کان آرٽس ڪائونسل طرف ويندڙ روڊ تي مُک تقريب ٿيندي، ڪراچي جي مُک تقريب منجهند 12وڳي کان رات 8 وڳي تائين جاري رهندي

ڪراچي جي مختلف علائقن مان ريليون مک تقريب ۾ گڏ ٿينديون، ناليوارا فنڪار سرن جي ورکا ڪندا، ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي

سڀاڻي ايڪتا ڏهاڙي کي قومي عيد طور ملهائڻ لاءِ ٻارڙن جو جوش ۽ جذبو به ڏسڻ وٽان آھي

ٺري ميرواهه، پير جو ڳوٺ ۽ ٻين شهرن جي اسڪولن ۾  ايڪتا ڏهاڙي جي آجيان جون تقريبون، اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ٽيبلوز پيش، مور ٿو ٽلي راڻا ۽ ٻين سنڌي گيتن تي جهمريون

اسلام آباد جي لوڪ ورثه ميلي ۾ به سنڌ جي ثقافت جا رنگ جَرڪـِي پيا، ميوزيڪل نائيٽ پروگرام ۾ طفيل سنجراڻي، تاج مستاني ۽ ٻين سنڌي فنڪارن پاران سرن جي ورکا، سنڌي گيتن تي تقريب ۾ شريڪ ماڻهن جون جهمريون، ڊي جي ثقافت سنڌ منور مهيسر ۽ ٻين پاران بھ شرڪت ڪئي وئي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مچ ڪچهرين دوران فنڪارن پاران سرن جي ورکا ڪئي وئي آھي، دادو، گمبٽ ۽ ڪشمور ۾ مچ ڪچهرين دوران سنڌي گيتن تي ماڻهن جون جهمريون

تقريبن ۾ شريڪ ماڻهن پاران سڀاڻي ايڪتا ڏهاڙو سنڌ سان درد جو رشتو جي سري هيٺ ملهائڻ جو عزم، شهدادڪوٽ ۾ به مچ ڪچهري دوران سرن جي ورکا ڪئي وئي آھي

ھي به پڙھندا

ٿر ۾ ايڪتا جا رنگ: اسڪول ۾ تقريب، ٽيبلوز پيش، ڳوٺاڻن پاران مچ ڪچهري

سنڌ کي عمران خان مان ڪا به اميد نه رکڻ گهرجي: مراد علي شاھ

ايڪتا ڏھاڙي جي سلسلي ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار طرفان مک تقريب ڪراچي ۾ ٿيندي